حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ عمرڪوٽ ۾ پي ٽي آءِ ايم اين اي لال مالهي ۽ ٻين خلاف دهشتگردي واري ڪيس خلاف داخل درخواست تي محفوظ ٿيل فيصلو جاري ڪندي ڪيس مان دهشتگردي جا قلم خارج ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس محمد سليم جيسر تي مشتمل ڊويزن بئنچ تفصيلي فيصلي ۾ حڪم ڏنو آهي ته ڪيس اي ٽي سي ميرپورخاص مان فوري طور ٽرائل لاءِ سيشن جج کي اماڻيو وڃي. پي ٽي آءِ ايم اين اي لال مالهي، اشوڪ ڪمار ۽ ٻين وڪيل عشرت علي لوهر معرفت اي ٽي سي ميرپورخاص جي فيصلي کي چئلينج ڪندي درخواست داخل ڪرائي هئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته انهن 25 مئي 2022ع تي ميرپورخاص ۾ پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرايو، جنهن بعد پوليس سندن احتجاج تي لٺبازي ڪندي کين ڇڙوڇڙ ڪيو ۽ بعد ۾ سٽي ٿاڻي جي پوليس مٿن حملي ۽ 5 اهلڪارن کي زخمي ڪري پوليس موبائيلن جا شيشا ٽوڙڻ جا الزام هڻي دهشتگردي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، جنهن خلاف انهن اي ٽي سي ميرپورخاص ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي پر پهرين نومبر 2022ع تي لاڳاپيل عدالت سندن درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. 14 ڊسمبر 2022ع تي ٻڌڻي دوران درخواست گذارن جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته ڄاڻايل ڪيس سپريم ڪورٽ پاران دهشتگردي جي ڪيسن خلاف ڏنل فيصلن جي ابتڙ آهي ڇاڪاڻ ته اهڙن ڪيسن ۾ دهشتگردي جا قلم ئي لاڳو نٿا ٿي سگهن. پي ٽي آءِ سياسي پارٽي آهي جنهن کي ملڪ جي آئين تحت پرامن احتجاج ڪرڻ جو حق مليل آهي پر پوليس سرڪاري ڌر جي چرچ تي مٿن دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو. وڪيل استدعا ڪئي ته اي ٽي سي ميرپورخاص جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڪيس مان دهشتگردي جا قلم خارج ڪيا وڃن. عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو هفتي بعد جاري ڪندي ڪيس مان دهشتگردي جا قدلم خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڊويزنل بئنچ فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي ته پرامن احتجاج هر شهري جو حق آهي ۽ سياسي پارٽيون احتجاج ڪنديون رهن ٿيون، جيڪڏهن قلم 144 لاڳو هو ته پوليس ان نوعيت کي نظر ۾ رکندي سندن خلاف ڪارروائي ڪري ها پر پوليس کي دهشتگردي جا قلم لاڳو ڪرڻ جو اختيار نه هو. عدالت تفصيلي فيصلي ۾ اي ٽي سي ڪورٽ کي حڪم ڏنو آهي ته ڄاڻايل ڪيس فوري طور ٽرائل لاءِ لاڳاپيل سيشن جج ڏانهن اماڻيو وڃي. لال مالهي جو چوڻ آهي ته دهشتگردي وارا ڪيس خودڪش بمبارن خلاف داخل ٿين ٿا پر پي ڊي ايم سرڪار هاڻي اهڙا ڪيس سندن خلاف احتجاج ڪندڙ شهرين توڙي سياسي پارٽين جي اڳواڻن خلاف داخل ڪرائڻ شروع ڪيا آهن.