بدين (رپورٽر ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ماتلي جي دوري دوران پريس ڪلب بدين جي وفد صدر تنوير احمد جي اڳواڻيءَ ۾ ساڻس ملاقات ڪري صحافين جا مسئلا پيش ڪيا، پ پ چيئرمين موقعي تي موجود وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ صوبائي وزير ناصر شاھ کي پريس ڪلب جي شهيد بينظير ڀٽو آڊيٽوريم هال لاءِ 50 لک رپيا ۽ پريس ڪلب جي لاءِ 20 لک گرانٽ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پريس ڪلب بدين اسان جو ادارو آهي، ان جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.