رتوديرو (ن پ ا ) پ پ پ اڳواڻ سردار علي نواز جلباڻي ۽ پير جنيد علي شاهه راشدي ڳوٺ مسوديرو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جلباڻي ۽ ڪٽوهر ڌرين وچ ۾ شروع ٿيل خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر پاران خصوصي طور تي ڪوششون ورتيون ويون آهن ۽ انهن جي هدايتن تي اسان ٻنهي ڌرين وٽ وڃي انهن کي خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ ويهي ڪري ڳالهيون ڪرڻ لاءِ چيو آهي، هنن چيو ته ٻنهي ڌرين پاران اسان کي هاڪاري موٽ ملي آهي ۽ ڌرين جي متفق راءِ سان مير منظور پنهور کي امين مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد فتويٰ ڏيندو، جڏهن ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ 31 مئي تي نئون ديرو جي ريسٽ هائوس ۾ فيصلو مقرر ڪيو ويو آهي.