حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ حيدرآباد ضلعي جي جنرل سيڪريٽري عبدالحميد هڱورو پنهنجي جماعت کي ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي. هن پ پ پي ايس 62 جي صدر برڪت ٻٻر ۽ اطلاعات سيڪريٽري مجيب چانڊيو سان ملاقات ڪري پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.