حيدرآباد (بيورو رپورٽ) بلال ڪاڪا قتل ڪيس ۾ سهولتڪار شوروم مالڪ غلام مرتضيٰ بهڻ واري پڪي ضمانت لاءِ ڏنل درخواست ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ڏانهن منتقل ٿي وئي آهي. فورٿ ايڊيشنل سيشن جج 20 آڪٽوبر دوران ڄاڻايل درخواست تي شنوائي ڪندو جنهن لاءِ هن لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس به اماڻي ڇڏيا آهن. 3 مهينا اڳ قاسم آباد باءِ پاس تي قائم هوٽل تي بلال ڪاڪا قتل ٿيو. سندس ڀاءُ فريادي سلام ڪاڪا ڀٽائي نگر ٿاڻي تي 10 ڄڻن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرايو. ڪيس ۾ هوٽل مالڪ شاهه سوار، سندس پٽ احمد يار ۽ محمد گل سميت 3 ڄڻا گرفتار ٿيل آهن جڏهن ته 7 جوابدارن کي پوليس اڃا تائين گرفتار ناهي ڪري سگهي. پوليس جو چوڻ آهي ته شوروم مالڪ غلام مرتضيٰ بهڻ جو نالو سهولتڪار طور شامل ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته هن واقعي واري هنڌان مک جوابدار بختيار پٺاڻ سميت ٻين کي پنهنجي گاڏي ذريعي ٻئي هنڌ پهچايو. ڪجهه عرصو اڳ شوروم مالڪ گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت ڪرائي هئي. ٻيهر جوابدار پڪي ضمانت لاءِ وڪيل معرفت عدالت سان رجوع ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ڄاڻايل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار محمد گل اڳ ۾ ضمانت لاءِ درخواست ڏني هئي جيڪا رد ٿيڻ بعد هن ٻيهر هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو آهي.