ٺٽو ( رپورٽر ) مڪلي پوليس ، مڪلي ۾ پيءُ هٿان سخت تشدد جي نشانو بڻيل بازياب ڪرايل نينگري ڪيس ۾ ڄاڻايل ان جي ويڳي ماءُ کي به گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي . ان ڏس ۾ گذريل ڏهاڙي مڪلي پوليس پاران شاھ لطيف ڪالوني جي رهواسي اسماعيل بنگالي کي گرفتار ڪري ان هٿان تشدد جي نشانو بڻيل سندس ڌيءَ حبيبا کي بازياب ڪرائڻ بعد ڪيس ۾ ڄاڻايل گرفتار جوابدار جي زال دلدار بيگم کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي. مڪلي پوليس پاران بازياب ڪرايل نينگري حبيبا کي علاج لاءِ اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي چيو وڃي ٿو پنهنجي ڌيءَ تي بي رحماڻو تشدد ڪندڙ پيءُ اسماعيل بنگالي پاڻ کي عامل سڏائي ڪارو جادو ڪندو آهي جڏهن ته گرفتار جوابدار بابت وڌيڪ اهو به معلوم ٿيو آهي ته جوابدار اڳ ٻن زالن کي طلاق ڏيڻ بعد مڪلي اچي ڪراچي واسڻ دلدار بيگم سان ٽين شادي ڪئي آهي جيڪا تشدد جي نشاني بڻيل نينگري کي پڻ ڳلي ۾ ڪپڙو وجھي گھيلي سخت تشدد ڪندي رهي آهي هوڏانهن مڪلي پوليس تشدد جي نشاني بڻيل نينگري جي پيءُ اسماعيل بنگالي ۽ ان جي ويڳي ماءُ دلدار بيگم کي رماانڊ لاءِ مقامي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بعد سندن خلاف گھڻ رخي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي .