ٺٽو/دڙو ( رپورٽر ) ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي 38 هين ورسي جيئي سنڌ تحريڪ ، جسقم آريسر، جسقم بشير خان سميت مختلف تنظمين جي اڳواڻن پاران شهيد ذڪريا خشڪ جي آخري آرامگاهه تي حاضريون ڀري گلن جون چادرون چاڙهي دعائون گھري ملهائي وئي آهي، ان ڏس ۾ جسقم چيئرمين صعنان خان قريشي، وائيس چيئرمين سرور خشڪ، جسقم جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، غلام نبي کٽي، جيئي سنڌ تحريڪ جي سينيئر وائيس چيئرمين انور ڪرناڻي، جنرل سڪريٽري سورهيه سنڌي، جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري، اسماعيل نوتڪاڻي، بابو جان خشڪ ۽ ٻين ڌار ڌار پير پٺو پهچي شهيد مالڪ خشڪ جي آخري آرامگاهه تي گلن جو چادرون چاڙهيون ۽ دعاگهري. ان موقعي تي قومپرست اڳواڻن چيو ته ضياءِ جي مارشلا جي دور ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ فڪر سيد ۽ سنڌ جي آزادي واري تحريڪ جي منظم جدوجهد کي چٿڻ لاءِ ٽوڙي ڦاٽڪ جو واقعو ڪرايو ويو جيئن سنڌ جي قومي شعور کي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ روڪي سگهجي، سنڌ جي  شاگردن ۽ عاشقن کي ڌاڙيل ڪري پيش ڪيو ويو پر سنڌي ماڻهن جي مزاحمت ۽ قومي تحريڪ جي سخت ردعمل کانپوءِ جسٽس رٽائرڊ عبدالرزاق ٿهيم جي سربراهي ۾ ٽوڙي ٽربيونل ٺاهيو ويو، جنهن سنڌ جي شاگردن کي بي ڏوهي قرار ڏنو ۽ کين آزاد ڪيو ويو. هنن چيو ته توڙي جي شهيدن ساھ  ڏئي ويساھ بحال ڪيو ۽ سنڌ پنهنجي شهيدن کي قومي سلام پيش ڪري ٿي. اڳواڻن چيو ته ٽوڙهي فاٽڪ جو واقعو ظلم جي انتها هو، سنڌ جي 5بهادر پٽن ذڪريا ميمڻ، مٺو بليدي، انور عباسي، امان الله وسطڙو، مالڪ خشڪ مٿان سڌيون گوليون هلائي کين شهيد ڪيو ويو. هنن چيو ته ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جو خون ضرور رنگ لائيندو سائين جي ايم سيد جي نظريئي جا پوئلڳ آهيون سنڌ جي حقن ۽ وسيلن خاطر جدوجهد جاري رکندي ڪنهن غاصب ۽ جابر آڏو ڪنڌ نه جهڪائينداسين .