حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) قاسم آباد جي واڌو واهه وٽ قائم هوٽل تي قتل ٿيل نوجوان بلال ڪاڪا واري ڪيس ۾ جوابدارن کي رليف ملڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ جاچ آفيسر گرفتار  ٿيل چئن جوابدارن مان هڪ جوابدار کي بيگناهه قرار ڏئي سندس آزادي لاءِ رپورٽ عدالت کي فراهم ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد ٻڌايو پيو وڃي ته اڄ ايس ايس پي جي رپورٽ پيش ٿيڻ بعد جوابدار آزاد ٿي ويندو. گذريل ڏينهن ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس رمانڊ پورو ٿيڻ بعد ٽن جوابدارن کي سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 4 جي عدالت ۾ پيش ڪيو. ڪيس جي جاچ آفيسر سليمان لاشاري عدالت کي آگاهي ڏني ته جوابدار احمد يار ۽ محمد گل پٺاڻ کان ڪيس ۾ روپوش ٿي ويل جوابدارن جي جاچ لاءِ کانئن آڏي پڇا ڪرڻي آهي ان لاءِ سندن رمانڊ منظور ڪيو وڃي. عدالت جاچ آفيسر جي استدعا بعد ٻنهي جوابدارن کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ٻيهر پوليس حوالي ڪيو. گڏوگڏ جاچ آفيسر سليمان لاشاري عدالت کي هڪ رپورٽ پيش ڪندي ڄاڻايو ته جاچ دوران کين معلومات ملي آهي ته گرفتار جوابدار افضل پٺاڻ پٽ محمد آجان جاني مک جوابدار شاهه سوار پٺاڻ جو ڀاءُ ناهي. نادرا پاران جاري ڪيل رڪارڊ ۾ سندس نالو امداد علي پٽ غلام حسين آهي جنهن جو ڪيس سان ڪو به تعلق ناهي ان لاءِ کيس آزاد ڪيو وڃي. عدالت جاچ آفيسر جي رپورٽ بعد کانئس پڇاڻو ڪيو ته اوھان کي ڪيئن خبر پئي ته ھي افضل ناھي ۽ امداد آھي؟ جنهن تي جاچ آفيسر عدالت کي سندس نادرا پاران جاري نئون رڪارڊ توڙي فريادي ۽ شاھدن جي بيانن بابت آگاهي ڏني ته انهن به کيس بيڏوهي قرار ڏنو آهي. عدالت جاچ آفيسر کي جوابدار جي آزادي لاءِ سي آر پي سي 497 واري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 3 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.