حيدرآباد: بلال ڪاڪا جو قتل 12 جولاءِ تي ٿيو هو. 12 جولاءِ تي واڌو واهه وٽ قائم نيو سلاطين هوٽل تي معمولي ڳالهه تان هوٽل مالڪ ۽ ويٽرز  تشدد ڪري نوجوان بلال ڪاڪا کي قتل ڪيو هو. ڀٽائي نگر پوليس مقتول جي ڀاءُ سلام ڪاڪا جي فرياد تي 10 ڄڻن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري چئن ڄڻن کي گرفتار ڪيو جڏهن ته ڪيس ۾ اڃا تائين پوليس 6 جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي.