بغاوت ڪيس ۾ سنڌ يونيورسٽي جي 5 شاگردن جي ضمانت منظور

0
136

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڊيوٽي اٽڪاءُ، دهشتگردي ۽ بغاوت ڪيس ۾ 5 شاگردن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، شاگردن کي 25-25 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي

شاگردن محمد اسلم انڙ، نادر علي ڀنگوار، محمد اجمل ڀنگوار، عديل لغاري ۽ راشد گاڏهي پنهنجي وڪيل عرفان خاصخيلي معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي

جسٽس محمد اقبال ڪلھوڙو ۽ جسٽس خادم حسين سومرو  تي ٻڌل ڊويزنل بئنچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي

درخواستگذارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جيڪي شاگرد ڪيس ۾ نامزد ئي نه هئا انهن کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو آهي، اي ٽي سي ۾ ضمانت لاءِ رابطو ڪيو پر اتان درخواست رد ٿيڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ آيا آهيون

عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد شاگردن کي 25-25 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي سندن ضمانت منظور ڪري ورتي

هي به پڙهندا

علي زيدي جي جسماني رمانڊ واري درخواست رد: ضمانت منظور