علي زيدي جي جسماني رمانڊ واري درخواست رد: ضمانت منظور

0
173

ملير(رپورٽر) ملير جي عدالت پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي

 جوڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 11 جي عدالت ۾ علي زيدي خلاف ابراهيم حيدري ٿاڻي تي داخل فراڊ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، علي زيدي کي اسٽيل ٽائون ٿاڻي تان سخت انظامن تحت عدالت پهچايو ويو ، ڪورٽ ٻاهران وڏي انگ ۾ سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا

علي زيدي کي مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو ويو، جٿي جج پڇيو ته  اوهان سان ڪو ناروا سلوڪ ته نه ڪيو ويو جنهن تي علي زيدي چيو ته مون سان ڪوبه برو سلوڪ نه ڪيو ويو

هن ٻڌايو ته  مون جاچ دوران جيڪي ڪاغذ پيش ڪيا اهي قبول نه ڪيا ويا، جنهن بعد عدالت پوليس پاران ڏنل جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، بعد ۾ عدالت داخل ضمانت واري درخواست تي وقفي بعد فيصلو ڏيندي علي زيدي جي 10 ھزار رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي

هي به پڙهندا

فراڊ جي ڪيس ۾ گرفتار علي زيدي جو جسماني رمانڊ منظور