برڪينا فاسو: فوجي آفيسرن پنھنجي ئي ڪمانڊر کي عھدي تان برطرف ڪري ورتو

0
197
برڪينا فاسو: فوجي آفيسرن پ

برڪينا فاسو: آفريقي ملڪ برڪينا فاسو ۾ فوجي آفيسرن پنھنجي ئي ڪمانڊر کي عھدي تان برطرف ڪري ڇڏيو آھي، غيرملڪي خابرو اداري موجب آفريقي ملڪ برڪينا فاسو جي ھڪ فوجي آفيسر سرڪاري ٽي وي تي خطاب ڪندي ٻڌايو تھ ھنن ملٽري ليڊر ليفٽيننٽ ڪرنل پال ھنري دميبا کي عھدي تان بطرف ڪري ڇڏيو آھي

فوجي آفيسر ليفٽيننٽ ڪرنل پال ھنري دميبا کي عھدي تان ھٽائڻ جو سبب شدت پسندي جي روڪٿام جي لاءِ اھليت نھ ھجڻ قرار ڏيندي چيو تھ سموريون سرحدون بند ڪيون ويون آھن ۽ سياسي سرگرمين کي معطل ڪري ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آھي

لیفٹینینٹ کرنل پال ہنری ڈمیبا

سرڪاري ٽي وي تي ايندڙ فوجي آفيسرن جو چوڻ ھو تھ ابتر صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيترائي ڀيرا ليفٽيننٽ ڪرنل پال ھنري دميبا کان سيڪيورٽي صورتحال تي فوڪس ڪرڻ جو چيو ويو پر ان جي قدمن سان اسان کي واضح ٿي ويو تھ ھو اسان کي ان معاملي تان پري وٺي وڃي رھيو آھي، جيڪو اسان طئي ڪيو ھو جنھن جي ڪري اسان ان کي عھدي تان ھٽائڻ جوفيصلو ڪيو