سنڌ جي ثقافتي راند ملهه مري رهي آهي، ان کي بچائڻ جي ضرورت آهي: ملھ پھلوان غلام حسين

0
455
سنڌ جي ثقافتي راند ملهه مري

ڀٽ شاھ (رپورٽر) سنڌ جي ناليواري نوجوان ملهه پهلوان غلام حسين پٺاڻ ٽائيم نيوز کي خصوصي انٽرويوڏيندي چيو آھي ته سنڌ جي ثقافتي راند ملهه مري رهي آهي، ان کي بچائڻ جي ضرورت آهي

انٽرويو ۾ نوجوان ملھ پھلوان چيو ته ثقافت کاتو ملهه کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪجهه به نه پيو ڪري، سنڌي ماڻهن جي چاهه سبب ملهه ۽ ملاکڙا اڃا بچيل آهن، غلام حسين پٺاڻ چيو ته سنڌ ۾ ملهه جا رڳو 20 داءَ کيڏيا پيا وڃن

May be an image of 3 people, people standing and indoor

ھن چيو ته ٻين ملڪن ۾ وڌيڪ داءَ استعمال ڪيا وڃن ٿا، سنڌ سرڪار ثقافتي راند کي بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، مفلسي جي زندگي گهاريندڙ ملهه پهلوانن جي سهائتا ڪئي وڃي