حيدرآباد: 2 ڏينھن اڳ کنڀيل ناليواري صنعتڪار ھمايون برڪت ۽ پٽ جي گرفتاري ظاھر

0
211

حيدرآباد پوليس 2 ڏينهن اڳ کنڀيل ناليواري صنعتڪار همايون برڪت ۽ سندس پٽ جي فراڊ ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آھي، عدالت ٻنهي جوابدارن کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته همايون برڪت ۽ سندس پٽ خلاف مسعود علي ۽ ڊاڪٽر الهه بخش عرف آڪاش فراڊ جا ڪيس داخل ڪرايا هئا

مسعود علي فرياد ۾ چيو آهي ته همايون برڪت ۽ سندس پٽ دوڪان جي مسواڙ جي مد ۾ 16 لک روپين جو جعلي چيڪ ڏنو

فريادي ڊاڪٽر الهه بخش جو چوڻ آهي ته ٻنهي صنعتڪارن کي سيڙپڪاري لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا ڏنا هئا، ٻنهي جوابدارن جعلي چيڪ ڏنو، پئسا گهرڻ تي پسٽل ڏيکاري موتمار ڌمڪيون ڏنيون