ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) انساني حقن جو سرگرم اڳواڻ، ليکڪ، صحافي، تجزيه نگار ۽ تاريخدان اختر بلوچ 54 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو  ڪري ويو، ڪراچي جي گارڊن واري علائقي ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ  بعد کيس بلديه ٽائون جي گلشن غازي  قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، اختر بلوچ جي آخري رسمن ۾   ايچ آر سي پي اڳواڻ اسد اقبال بٽ، فيصل ايڌي، سهيل سانگي، شمس ڪيريو، قاضي آصف، سعيد جان بلوچ، پروفيسر توصيف احمد، مھيش ڪمار، اختر سومرو، منير ساقي، رزاق ابڙو، حنيف ماڃوٺي، امر گرڙو، نور محمد ڪلھوڙو، منير نارائي، نصر الله جمالي، عطا ميمڻ، راحب ڳاھو، شاھد ميراڻي، مير ڪيريو، شوڪت ڪورائي، ممتاز جمالي، اعجاز ڪورائي، مجاھد شاھه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اختر بلوچ 14 مئي 1967ع تي ميرپور خاص ۾ جنم ورتو، 1998ع ۾ صحافتي ذميواريون نڀائڻ لاءِ حيدرآباد منتقل ٿيو، جتي 2005ع تائين پنھنجون صحافتي خدمتون سر انجام ڏنيون، هو ھيومن رائٽس ڪميشن ( ايچ آر سي پي )  جو صوبائي عھديدار به رھيو، 23 مارچ 2003ع تي سندس نالو کنڀي گم ڪيل ماڻھن جي فھرست ۾ شامل ٿي ويو پر ھو جلد ئي بازياب ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي منتقل ٿيو ، 2010ع ۾ اختر بلوچ جو ڪتاب تيسري جنس شايع ٿيو، جڏھن ته 2013ع کان اختر بلوچ ڪراچي جي  قديمي عمارتن، روڊن ۽ شخصيتن جي حوالي سان ڊان ڊاٽ ڪام تي بلاگ لکيا، اختر بلوچ جا اهي بلاگ اردو، انگريزي ۽ سنڌي ۾ شايع ٿيندا رھيا. ٻئي طرف وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، وفاقي وزير شازيه عطا مري، شرجيل انعام ميمڻ ۽ وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ايس يو پي جي صدر زين شاھ  ۽ ٻين اختر بلوچ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اختر بلوچ غيرمعمولي شخصيت هئي،