ٺٽو (رپورٽر) جسقم چيئرمين صنعان قريشي پاران مڪلي پھچي جسقم ضلعي ٺٽي جي اڳوڻي صدر مشتاق خاصخيلي  جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي، جنهن بعد جسقم چيئرمين صنعان قريشي، وائيس چيئرمين سرور خشڪ، جساف جي مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو، محمد علي شيخ، حاجي سراج خشڪ، سيف علي، اڪبر بروهي ۽ ٻين سان گڏجي مڪلي جي تاريخي قبرستان ۾ سنڌ جي سپھ سالار شھيد دولھ درياءُ خان جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ پهتو تہ اُتي مزار کي تالا لڳل هئا. ان موقعي تي صنعان خان قريشي  دولھ درياءُ خان جي مزار کي تالا لڳائي بند رکڻ ۽ مڪلي جي ماڳ گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻھن کان زبردستي گاڏين جي مد ۾ ٽيڪس جي نالي تي اوڳاڙي ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪندي چيو آھي تہ مڪلي جي عظيم ڪردارن جي مزارن کي تالا هڻي سنڌ تي حملي آور جابرن جون مزارون کليل رکيون ويون آھن ۽ سياحن کي تنگ ڪري آرڪيالاجي کاتي جي انتظاميہ 5 سئو کان هڪ هزار روپيا في گاڏي ٽيڪس جي نالي تي ڀتاخوري ڪري رهي آھي، جيڪو عمل مذمت جوڳو آھي. هن مطالبو ڪيو آھي تہ سنڌ جي عظيم ڪردارن سميت مڪلي جي تاريخي ماڳ گهمڻ لاء ويندڙ ماڻھن کي ٽيڪس کان فري ڪري سهولتون فراهم ڪيون وڃن.