سڊني(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي اڳوڻي فاسٽ بالر بريٽ لي به پيٽ ڪمنس جي واٽ تي هلندي ڀارت ۾ ڪورونا مريضن لاءِ آڪسيجن جي کوٽ پورو ڪرڻ لاءِ ڳري رقم عطيو ڪئي. ان کان اڳ آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر پيٽ ڪمنس ڀارت ۾ ڪورونا مريضن لاءِ آڪسيجن جي کوٽ پورو ڪرڻ لاءِ 50 هزار ڊالر جي رقم عطيو ڪئي هئي. بريٽ لي پيٽ ڪمنس جي اهڙي قدم جي واکاڻ ڪندي 41 لک کان وڌيڪ رقم ڀارت ۾ آڪسيجن سلينڊرز جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سوشل ميڊيا تي پيغام ۾ بريٽ لي لکيو ته ڏکئي وقت ۾ ڀارت ۽ ڀارتي عوام سان دلي همدردي آهي، ڀارت سندس ٻيو گهر آهي.