ڪراچي (شوبز نيوز)مشهور گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر ڪورونا وبا جي ڏکئي وقت ۾ عاجزاڻي دعا شيئر ڪئي آهي.علي ظفر فيس بڪ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هو عاجزاڻي دعا پڙهي رهيو آهي جنهن جو شعر ڪجهه هن طرح آهي”بي ڪس پي ڪرم ڪيجئي سرڪار مدينا“.علي ظفر اهڙي وڊيو شيئر ڪندي لکيو”اسان سڀ هن مشڪل وقت مان گذري رهيا آهيون پر اهڙي ڪابه شيءِ ناهي جيڪا دعا سان حاصل نه ٿي سگهي، رمضان جي هن بابرڪت مهيني ۾ هڪ عاجزاڻي دعا شيئر ڪري رهيو آهيان ممڪن آهي ان سان اسان سڀني کي امن، صحت ۽ سموري دنيا لاءِ زندگي ۽ خوشيون بحال ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.