ڪراچي(اسپورٽس نيوز) تازو ئي اسلام قبوليندڙ ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپنر بورون فورچين جي شادي جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. بورون فورچين ۽ سندس گهر واري مشڪي ايسن شادي جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي. ڪرڪيٽر جي شادي ۽ اسلام قبولڻ جَي حوالي سان ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته شادي کان اڳ مشڪي فورچين جي گرل فرينڊ هئي، ڇاڪاڻ ته ٻئي شادي نه پئي ڪري سگهيا، ڇاڪاڻ ته مشڪي مسلمان هئي، هوءَ چاهيندي هئي ته مشڪي اسلام قبولي ته جيئن جلد شادي ڪري سگهجي. فورچين اسلامي تعليم سکي ۽ اسلام قبول ڪري ورتو.