ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان شروع ڪيل ڪلب رجسٽريشن لاءِ درخواستون ملڻ جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي.پي سي بي کي مليل درخواستن جو انگ 3989 آهي، جيڪا ماضي جي ڀيٽ 30 سڪيڙو وڌيڪ آهي، آگسٽ 2019ع کان لاڳو ٿيل آئين کان اڳ 3115 ڪلبز پي سي بي وٽ رجسٽرڊ ٿيل هئا. پي سي بي کي سڀ کان وڌيڪ درخواستون خيبرپختونخواهه ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن مان مليون، جن جو انگ 865 آهي، سينٽرل پنجاب طرفان 827، سنڌ مان 710، سدرن پنجاب مان 537، ناردرن مان 517 ۽ بلوچستان مان 533 ڪلبز رجسٽريشن لاءِ درخواستون ڏنيون آهن. ڪراچي مان 233، حيدرآباد مان 102، پنڊي مان 93 درخواستون مليون آهن.