لنڊن ( انٽريسٽنگ نيوز) برطانيا ۾ ڪرونا جي دور ۾ شروع ڪيل دلچسپ راند ” چيز رولنگ ريس“ جو هڪ ڀيرو ٻيهر ميڙو مچايو ويو جنهن ۾ ماڻهن وڏي انگ ۾ حصو ورتو. هن دلچسپ راند ۾ ٿئي هيئن ٿو ته سخت پنير کي ڪنهن ڦيٿي يا وري گول شيءِ ۾ وجهي ڪنهن جبل جي اهڙي ٽڪري تي لڙڪايو وڃي ٿو جنهن تي ماڻهو سڌي ريت ۽ سولائي سان نه پهچي سگهي جڏهن ڪو شخص ان پنير جي ويجهو پهچي ٿو ان کي ڪامياب قرار ڏنو وڃي ٿو. برطانيا ۾ گلوڪيسٽر ويجهو جابلو علائقي ۾ دلچسپ راند ڪوٺائي وئي جنهن ۾ شهرين وڏي انگ ۾ ماڻهن حصو ورتو، 28 ورهين جي ميٽ ڪرولا پنير مقابلو کٽي ورتو. عورتن ۾ ڊيلاني ارونگ زخمي ٿيڻ باوجود ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هن چيو ته ماڻهو منزل مقرر ڪري ان تائين پهچڻ جو پهه ڪري ته ضرور ڪامياب ٿي ويندو. راند ۾ شرڪت ڪندڙن جو چوڻ آهي ته چيز رولنگ ريس بهترين ۽ دلچسپ راند آهي جنهن ۾ حصو وٺڻ سان فطرتي حسن جو نظارو به ٿي وڃي ٿو ۽ گهڻي تفريح به ماڻي وٺون ٿا.