سياڻو ڪانءُ ٻه ٽَنگو ڦاٿو!

0
127
سياڻو ڪانءُ ٻه ٽَنگو ڦاٿو!

 سياڻو ڪانءُ ٻه ٽنگو ڦاٿو آھي. 9 مئي تي  فوجي علامتن تي حملن جا ڪيس فوجي ڪورٽن جي حوالي آھن. عمران خان ھڪ طرح انھن حملن جي حمايت ڪندي چيو آھي ته کيس فوج گرفتار ڪرايو ھو ته ردعمل به فوج خلاف ايندو. ٻين لفظن ۾ ھن اھو چيو آھي ته اھي حملا منطقي ھئا، پر منطق ھر ڀيري درست نه ھوندو آھي، ڇو ته دليل باطل به ھوندو آھي. سڀ کان زھريلا  دليل، سرمائيداريءَ جي حمايت ڪرڻ وارا ڏين ٿا. مثال طور، انساني سماج جي شروعات ۾ ڀاءَ. ڀاءَ کي قتل ڪيو، يعني تشدد تاريخ جي سڀني دورن ۾ نظر اچي ٿو. سو انھن جي چوڻ موجب تشدد انسان جي فطرت آھي. سرمائيدارن جي وٽ وراڻ ڪرڻ وارا ان واقعي جي بيان کي استعمال ڪرڻ جي بخار ۾ اھو وساري ويھن ٿا ته قاتل کي سخت پڇتاءَ ٿيو ھو ۽ کيس محسوس ٿيو ته ھن تعصب جي باھ ۾ قتل ڪيو. جڏھن سندس اھا باھ وسامي وئي ته مٿس حقيقت کلي. سو منطق ھن جو پنھنجو آھي، فوجي آفيسرن ۽ سندن حامين جو پنھنجو. فوجي آفيسر عمران خان جي ڳالھ کي دھشتگرد حملن جي سڌي حمايت سمجھن ٿا.

پي ٽي آءِ مان سياستدانن جو قطارون ڪري نڪري وڃڻ ڪيترن ئي ماڻھن لاءِ حيران ڪندڙ نه ھو. انھيءَ سڄي مرحلي ۾ ھڪ  پھلو اڻ وڻندڙ به آھي ته ڪي ماڻھو عمران خان جي پارٽي نه پيا ڇڏڻ چاھين پر ھنن تي سخت دٻاءُ پيو، پر اھا سياست جي خاصيت آھي ته گرفتاري، جيل، سختي يا قرباني  ڪنھن نه ڪنھن موقعي تي منطقي طور ٿيندي آھي. عمران خان جا ڪارڪن ۽ ووٽر اڪثر سول ۽ فوجي آفيسرن جا پٽ، ڀائر، عورتون آھن ۽ اھي به گھڻا تڻا پنجاب ۽ ڪي پي مان. انھن ماڻھن سوين اسڪينڊلن ۾ ڦاٿل پنھنجي ليڊر جي پيروي ڪندي  احتياط کان ڪم نه ورتو، فوجي علامتن تي حملا ڪيا. گھڻن ئي ماڻھن کي ياد ھوندو ته  ھنن لاھور ۽ اسلام آباد وچ ۾ ھڪ احتجاج دوران وڏي تعداد ۾ وڻ ساڙيا، ماحول دشمني ڪئي، نه سوچيو ته وڻن جو واسطو رياست سان گھٽ، عوام ۽ ماحول سان گھڻو ھو. جڏھن ھنن اھو ڪيو ھو ته کين جن ڇيڳرا چيو ھو، ڇا اھي غلط ھئا؟ ۽ ڇا ھاڻي اھڙي راءِ رکڻ وارا غلط آھن؟

عمران خان سميت اھي سڀ ماڻھو پيٽ ڀرين ٽولن مان آھن، اھي عوام جي سورن کي نه سمجھي سگھندا. ماضي ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي سرمائيدارن جي خلاف ڳالھايو ھو پر پوءِ ھن سرمائيدار ۽ پورھيت طبقي ۾ سرچاءُ ڪرڻ جو پنھنجو پاڻ ذمو کنيو پر سندس اھا خواب پورو نه ٿي سگھيو هو. سياست طبقاتي ٿئي ٿي. ھن وقت ملڪي اسٽيج تي نشانبر ھر سياستدان سرمائيدارن  لاءِ سياست ڪري رھيو آھي. ملڪ جي سياسي  جسم ۾ موروثي سياست جو مرض پنھنجي جڳھ تي، جنھن جي ڪري ڪو ورڪر پنھنجي جدوجھد جي بنياد تي مٿئين عھدي تي نه ٿو پھچي سگھي، ان عهدي جو اهل سمجهيو وڃي ٿو يا ته پارٽي سربراھ جو پٽ يا ڌيءَ، بس. اصل ڳالھ ته اھا آھي جو  ڪڏھن عوامي حمايت جي دعوا ڪندڙ عمران خان ته اھو به ذمو نه کنيو، رڳو سرمائيدارن جي خدمت ڪيائين. ھن کي جيستائين وزير اعظم وارو بيج لڳل رھيو، اھو ساڍن ٽن سالن  جو عرصو ھن عوام دشمنيءَ وارا واعدا پورا ڪيا. مثال طور، ھن ۽ سندس کاٻي ساڄي رھندڙن واعدو ڪيو ھو ته سندن دور ۾ عوام کان رڙيون نڪرنديون، اھوئي ٿيو.جڏهن شهباز شريف جو وارو آيو ته ھن سڀ  لاڳاپا لاھي مھانگائي ڪرڻ شروع ڪئي. جڏھن ته عمران خلاف ھنن مھانگائيءَ جي معاملي تي احتجاجي مظاھرا ڪيا ھئا. ھاڻي ان جي ابتڙ عوام دشمن طبقي جي منشا پوري پيو ڪري. ڪري به ڇو نه، جو ھو پاڻ سرمائيدار آھي. ھي ھڪ اھڙو ملڪ آھي، جنھن تي حڪمرانيءَ جو حق رڳو سرمائيدارن کي ڏنو ٿو وڃي. يا ته آمر آيا يا سرمائيدار. معراج خالد کي ڇڏي ڪري ڪو وزير اعظم نه آيو، جيڪو “غريبڙو” ھجي. پاڻ معراج خالد به ان لاءِ آيو جيئن 3 مھينا مالدارن جي خدمت ڪري. گھڻا ئي غريب، سرمائيدارن جي خدمت وڏي شوق سان ڪندا آھن، پوءِ ڀلي انھن کي پگھار به نه ملي. عمران خان به ملڪيتدارن مان ھو.

شھباز شريف جي اھا رٽ اڃا جاري آھي ته ھيءَ جيڪا به خرابي ٿي آھي، عمران خان جي ڪري آھي. ھن وٽ چوڻ لاءِ ڪجھ ناھي، عوام کي ڪو رليف نه ٿو ڏئي سگھي، سو اھڙيون ڳالھيون ڪري ٿو، جنھن جي ڪا تڪ ئي نه ٿي ٺھي. روز سياسي دوکي وارا اعلان آھن ته عوام کي رليف ملڻ گھرجي. اھو شخص جيڪڏھن وزير اعظم آھي ته ڪنھن کي ٿو مخاطب ٿئي ته عوام کي رليف ڏيو. تيل مھانگو ته سوَن ۾ ڪيو ويو پر ھاڻي ان جي قيمت چند رپيا ليٽر گھٽ ڪري دعوا ڪئي ويندي ته ھنن وڏو ڪمال ڪيو آھي. عوام جو ڏيوالو ته ڪڏهوڪو نڪتو پيو آھي ۽ ٻوڏ سٽيل ماڻھن جي لاءِ آيل امداد ته ڏينھن ڏٺي  ھي حڪمران ديده دانسته کائي ويا، ۽ عوام خاموشيءَ سان ڏسي رھيو آھي.

عوام پنھنجي اڳواڻن جي اشارن جو محتاج ھوندو آھي پر اڳواڻ  ئي اوندھ ۾ هٿوراڙيون ڏئي رھيا آھن. اھي عوام  جي ڪھڙي رھنمائي  ڪندا؟ سو مزدور کي ئي مزدور جو ساٿ ڏيڻ جڳائي ٿو، پورھيت طبقو  ٻئي ڪنھن کان ڪيئن اميد رکي. اڄ جو زمانو مختلف ان ۾ به آھي ته سياست ۾ تشدد جي ڪابه گنجائش نه رھي آھي .