هِتِ نه ڳولِهين هوتَ کي

0
137
هِتِ نه ڳولِهين هوتَ کي

وَڃِين ڇو وَڻڪار، هِتِ نه ڳولِهين هوتَ کي،

لِڪو ڪِينَ، لطيفُ چي، ٻاروچو ٻئي پار،

ٿيءُ ستي، ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ،

نائي نيڻَ نِهارِ، تو ۾ ديرو دوست جو.

(سسئي آبري، 3-11)

شاهه لطيف جو نالو سنڌ جي هڪ اهم صوفي شاعر جي حيثيت سان هنڌين ماڳين مشهور آهي. هن وحدت الوجود جي فڪر کي پسند ڪندي مذهبي ڪٽرپڻي کي سخت ننديو. وٽس هندو ۽ مسلمان ۾ ڪوبه ويڇو ڪونه هو. سندس درس انسانيت لاءِ ۽ ڪل خلق لاءِ هو. پاڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ نيڪ خواهشن ۽ خاص خوبين جي پرچار ڪئي اٿن. سندس صوفياڻي شاعري منزل تي پهچڻ جو سڏ آهي. فرمائي ٿو ته:

صُوفين صاف ڪيو، ڌوئي وَرَق وِجود جو،

تِهان پوءِ ٿيو، جيئَري پَسَڻ پِرينءَ جو.

                 تصوف شاهه لطيف جي شاعريءَ جو خزانو آهي، جنهن موجب هن عمل تي زور ڀريو ۽ اندر اُجارڻ تي آماده ڪيو آهي. سندس نظر ۾ محبوب جو جلوو پسڻ ئي وحدت جو اعليٰ مقام آهي.

“جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون”

                 تصوف تمام وسيع موضوع آهي، پر مختصراً اهو چونداسين ته تصوف معنيٰ قلب ۾ هڪ نئين قسم جي روحاني تڙپ. صوفين وٽ ڪائنات “عالمِ اڪبر” آهي ۽ انسان “عالمِ اصغر” ۽ ڪائنات ۾ جيڪي ڪجهه موجود آهي، تنهن جو اختصار خود انسان ۾ موجود آهي. انسان پنهنجي الاهي اصل کي سڃاڻي حق ۾ حل ٿي سگهي ٿو ۽ جڏهن هو انهيءَ منزل تي پهچي ٿو، تڏهن کيس هر صورت مان حق ئي حق پسبو آهي.

“سچو صوفي اهو آهي جو ڪدر (ميراڻ) کي ڇڏي ڏئي”. صفا جي معنيٰ ئي آهي روشن ۽ ظاهر. مٿي اڳ ۾ ئي ڄاڻايو اٿم ته تصوف هڪ وسيع مطلب وارو موضوع آهي. صوفياڻو تصور هر مذهب جو حصو رهيو آهي. اسلامي تصوف جي شروعات رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي زندگيءَ جو نمونو شمار ٿئي ٿي. سندن حياتي تزڪيه تفس ۽ تصفيه قلب جو اعليٰ مثال رهي. ان کان پوءِ چار ئي خليفا جنهن ۾ خاص طور حضرت علي رضه ته تصوف جا سرچشما هئا. هو نفس سان جهاد ڪندڙ هئا. کانئن پوءِ “عشره مبشره” ۽ پوءِ “اصحاب صفه” (اصحاب صفه چبوتري، صفه جي ويجهو ويهڻ وارا اصحاب، جيڪي تمام گهڻا عبادت گذار هئا) مٿيون دور تصوف جو پهريون دور آهي ۽ ٻيو دور تابعين جو يعني 34 هجريءَ کان شمار ٿئي ٿو، جنهن ۾ ٻه اهم هستيون حضرت اويس قرني ۽ حضرت حسن بصري رحه اچن ٿا ۽ ٽيون دؤر تبع تابعين 151هه کان 350هه تائين صوفي ابو هاشم، بي بي رابعه بصري، حضرت ذوالنون مصري، بايزيد بسطامي، جنيد بغدادي، داتا گنج بخش، حسين بن منصور حلاج، ابوبڪر شبلي اچي وڃن ٿا. متاخرين جي دور ۾ شيخ علي بن عثمان حلاجي، حضرت امام غزالي، شيخ محي الدين ابن عربي، مولانا جلال الدين رومي، امام ابوالقاسم القيثري (رسالي قثيريه جو مالڪ)، حضرت ابوالعباس محمد شفائي ۽ ٻيا آهن. (داتا گنج بخش جو ڪتاب “ڪشف المحجوب” اهلِ طريقت وارن وٽ تصوف جو ماخذ قرار ڏنل آهي. مٿين ترتيب سندن انهيءَ ڪتاب مان ورتل آهي)

مطلب ته ننڍي کنڊ ۾ اسلام جي انهن عالمن جي وڏي هاڪ هئي. شاهه لطيف مولانا روميءَ کان گهڻو متاثر هو ۽ پاڻ سان گڏ روميءَ جي مثنوي رکندو هو. پاڻ تصوف جي ترقيءَ جي چئني منزلن کي پنهنجي ڪلام ۾ اشارن طور توڙي واضح نموني ڄاڻايو اٿن.

ساري سک سبق، شريعَتَ سَندو سُهڻي،

طريقَتان تِکو وَهي، حَقيِقتَ جو حَق،

معرفَتَ مَرَڪ، اصل عاشِقَنِ جو.

 (سهڻي، 3-10)

شريعت بنا اڳتي وڌڻ شاهه صاحب موجب محال آهي. انهيءَ پهرين منزل کي وضاحت ڏيندي چون ٿا ته،

وحَدهُ لا شَرِيڪَ لَہُ، چَئِي چَوَندوآءُ،

فَرضَ، واجبَ سُنتون، تنيوءِ تَرڪُ مَ پاءِ،

توبهه سَندِي تَسبِيح، پَڙهَڻ ساڻِ پُڄاءِ،

نانگا پنهنجِي نفسَ کي، ڪا سنئين راههَ سُونهاءِ،

ته سَندِي دوزخ، باهِه، تو اوِڏيائي نه اَچي.

(ڪلياڻ، 1-4)

شاهه صاحب موجب، طريقت جو طريقو نفس کي ماري ان مان لالچ لوڀ ڪڍي گمراهيءَ کان بچڻ آهي. جنهن لاءِ طالب کي پنهنجي طلب کي مخفي رکي مطلوب ٿي منزل تي رسڻو آهي. مولا کي ملڻ لاءِ ڪروڙين رستا آهن. جيترا روح ايترا رستا، پر جيستائين پنهنجو پاڻ کي فنا نه ڪبو، تيستائين عشق الاهي جو مچ ازخود نه ٻرندو. ان ڪري اهڙي ديدار جي تڙپ پيدا ٿئي، جو هر شيءِ ۾ حق جو جلوو نظر اچي.

سالڪ جڏهن حقيقت جي منزل لاءِ پير ٿو ڌري، تڏهن هو پنهنجي پاڻ کي ٿو سڃاڻي. سندس اڳيان سڀ حقيقتون ظاهر ٿي پون ٿيون. محبوب ۽ سندس وچ جو ويڇو گهٽجي ٿو. شاهه لطيف مطابق ته سچا سالڪ پنهنجي وجود جو ورق ورائي، سِسِي نيزي پاند اڇلي، سوريءَ سورانگهڻ لاءِ هڪيا تڪيا ويٺا آهن. کين دلدار جو ديدار گهرجي، هو بنا ڪنهن وسيلي جي نينهن جو نالو وٺي پرينءَ جي پار پهچن ٿا. معرفت جو سرمو، جنهن جي اثر سان اکيون حقيقي حسن بنا ڪجهه به نٿيون ڏسن، سالڪ جي آخري ۽ اهم منزل آهي. هتي الاهي اسرارن ۽ علمن جي بارش آهي، شروع ۾ جا ڪثرت هئي سا وحدت ۾ تبديل ٿي ويئي، اصل شيءِ اها هڪ آهي، باقي سڀ انهيءَ هڪ سان ئي جڙيل آهي. فرمائي ٿو؛

پَڙاڏو سوئي سڏُ، وَرَ وائيءَ جو جي لَهين،

هُئا اَڳهَين گَڏ، ٻڌڻ ۾ ٻَه ٿيا.   (ڪلياڻ، 1-22)

شاهه لطيف جي سڄي ڪلام ۾ تصوف جي سڀني مسئلن کي سهڻائيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي. تصوف جا سڀ سلسلا ڌڻيءَ در جي رستي جي نمائندگي ڪن ٿا ۽ پنهنجي رب جي وحدانيت جي گواهي ڏين ٿا. شريعت، طريقت، معرفت ۽ حقيقت جي جدا جدا منزلن، قضا ۽ قدر، رضا ۽ تسليم، تجلي ۽ بيخوديءَ جا ڪيترائي اشارا شاهه جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا.

تصوف جي منزلن، طلب، عشق، معرفت، استغنا، توحيد، حيرت ۽ فنا جي حوالي سان سالڪ کي پاڻ کي فنا ڪري بقا ۾ سمائڻ جي تلقين ڪيل آهي. هوت کي هِتي پنهنجو پاڻ ۾ ڏسڻو آهي.