پاڻيءَ لاءِ پڪارون آهن …..

0
175
پاڻيءَ لاءِ پڪارون آهن .....

 هونئن به سنڌ ۾ پاڻيءَ جي پيدا ٿيل شديد کوٽ سبب سنڌ جي سمورن ضلعن جي صورتحال ڳنڀير آهي پر خاص ڪري سنڌ جي پوڇڙ واري ضلعي ٺٽي جي صورتحال پاڻي جي حوالي سان انتهائي رحم جوڳي آهي، ڇاڪاڻ جو گذريل 6 مهينن کان وٺي ٺٽي جي ڪلري بگھاڙ واهه لوئر، ڄام برانچ، ساڪرو برانچ ۽ اڏيرو لال برانچ مان نڪرندڙ 200 سان کان مٿي نالين، واهن، شاخن ۽ واٽر ڪورسن ۾ پاڻيءَ جي سخت اڻاٺ سبب مڙني هتان جي واهن، شاخن ۽ نالين توڙي واٽر ڪورسن ۾ پاڻي جي نه هئڻ ڪري ضلعي جي 11 لک کان مٿي انساني آبادي پيئڻ جي پاڻي توڙي زراعت لاءِ پاڻي مهيا نه هئڻ ڪري انتهائي ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻ سان گڏ ڪسمپرسي واري زندگي گھارڻ تي مجبور بڻيل آهي. جيتوڻيڪ ايشيا کنڊ جي اونهي ۾ اونهي ڍنڍ ڪينجھر پڻ ٺٽي ۾ آهي پر ٺٽي ۾ وڏي ڍنڍ جي هجڻ جو ٺٽي واسين کي ڪو به فائدو ناهي. ٺٽي واسين جي حوالي سان انهن سٽن ۾ چئجي ته “پاڻيءَ مٿي جھُوپڙا، مُورک اُڃ مرن”. معنيٰ ڪينجھر ڍنڍ جو پاڻي صرف جي آهي ته اهو ڪراچيءَ جي آباديءَ لاءِ وقف ٿيل آهي، ستم ظريفي اها آهي جو سڄي ضلعي جي چئن ئي تعلقن ٺٽو، ساڪرو، گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي 40 يونين ڪائونسلن ۾ ايندڙ هتان جي شهرن ٺٽو، مڪلي، جھرڪ، بگھاڙ موري، ڇَتو چنڊ، سونڊا، جھمپير، اونگر، جنگشاهي، گل منڊا، گجو، ساڪرو، ليٽ، ٻوهارا، ڳاڙهو، ڪيٽي بندر، ٻگھان، جوهو، ٻابيو، اداسي، پير پٺو، گيل موري، سڄڻ واري، ٺاري واري، شاهپور، مهر، ور ۽ غلام الله سميت ضلعي جي شهرن توڙي ٻهراڙي جي وڏي آباديءَ وارن ڳوٺن جي مڙني واٽر سپلاءِ جي تلائن ۾ پاڻي جي ختم ٿي وڃڻ ڪري هتان جي انساني آبادي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپي رهي آهي ته انهن جو چوپايو مال پڻ اڃ وگھي مري رهيو آهي. ايستائين جو شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پاڻي جي شديد پيدا کوٽ ٿيڻ جي ڪري نمازي پڻ وضوءَ جي پاڻي کان محروم بڻجي ويا آهن. مسجدن ۾ وضوءَ جي پاڻي نه هئڻ ڪري نمازين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته پاڻي جي پيدا ٿيل بحران جي ڪري ضلعي ٺٽي ۾ ڏڪار وارين حالتن جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي. ٻئي طرف ٺٽي ضلعي جي وسيع ڪوهستاني پٽيءَ ۾ پڻ پيئڻ جي پاڻي جي نه هئڻ، توڙي هتان جي جر جي کاري ٿي وڃڻ ڪري کوهن جو پڻ پاڻي تيزيءَ سان کارو ٿي رهيو آهي ۽ کاري پاڻي واپرائڻ ڪري پڻ ڪوهستان واسين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي.

هوڏانهن ٺٽي جي سامونڊي پٽيءَ ۾ ايندڙ تعلقن ساڪرو، گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر ۾ پاڻي جي عدم دستيابي جي ڪري هتان جي لکين انساني آبادي ڳري اگھه ۾ پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهي. جيڪي ماڻهو شديد غربت جي ڪري پاڻي خريد نٿا ڪري سگهن، اهي اتان جي سم نالين جو پاڻي واپرائين ٿا، جنهن جي ڪري ماڻهو ڪيترين ئي موذي بيمارين جي ور چڙهي ويا آهن. جڏهن ته ٺٽي جي سامونڊي پٽيءَ ۾ پڻ پيئڻ جي مٺي پاڻيءَ جي عدم دستيابي توڙي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ سنڌو درياءَ جو پاڻي سالن کان نه اچڻ ڪري سمنڊ جو کارو پاڻي تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي. سمنڊ جي کاري پاڻي تيزي سان اڳتي وڌڻ ڪري هتان جي لکين ايڪڙ زمين پڻ کاري پاڻي هيٺ اچي تباهي جي ور چڙهي وئي آهي. ضلعي ٺٽي ۾ پاڻي جي اڻهوند سبب اهو به معلوم ٿيو آهي ته ضلعي اندر قائم مچي جي پالنا جا 400 کان مٿي تلاءَ پڻ سوڪهڙي جي ور چڙهي ويا آهن، جنهن ڪري ضلعي اندر مڇي جي فارمنگ پڻ سخت متاثر ٿي وئي آهي. مڇيءَ جي تلائن ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري مڇي جي تلاءَ مالڪن کي پڻ ڪروڙين رپين جو گھاٽو پيو آهي. ٻئي طرف ضلعي اندر پاڻي جي برقرار کوٽ بابت اهو به معلوم ٿيو آهي ته ٺٽي جي 4 تعلقن جي پيرينل توڙي نان پيرينل واهن، شاخن، برانچن ۾ پاڻي جي نه هجڻ ڪري زمين ۾ مال جي چاري سانگي گاهن جي جي فصلن جي پوکي متاثر ٿيڻ توڙي پاڻي جي نه ملڻ ڪري روزانو سون جي تعداد ۾ هتان جي مالوندن جو چوپايو مال بک ۽ اڃ وگھي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي روز مري رهيو آهي ۽ روز جي معمول بڻيل ڳري ماليت جي چوپائي مال جي مرڻ ڪري پڻ هتان جي مالوندن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آهن، جڏهن ته ضلعي اندر موجود پاڻيءَ جي واحد ذخيري ڪينجھر مان پڻ ٺٽي جي مڙني تعلقن جي شهرن کي ڪلري بگھاڙ واهه لوئر ذريعي ٿيندڙ پاڻي جي فراهمي جي بند ۽ پاڻي جي وارا بندي ڪري ڪلري بگھاڙ واهه لوئر جي مک برانچن پيرينل اڏيرو لال برانچ. جنهن وسيلي ٺٽي جي سموري سامونڊي پٽيءَ وارين وسندين کي پاڻي مهيا ڪيو وڃي ٿو پر پيرينل برانچ اڏيرو لال ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري هتان جي سموري انساني آبادي، توڙي آبي جيوت سان گڏ چوپائي مال جو جيئڻ عذاب بڻجي ويو آهي، جڏهن ته ساڪري تعلقي جي لکين ايڪڙ زمين کي آباد ڪندڙ توڙي پيئڻ جي پاڻيءَ جي گھرج پوري ڪندڙ برانچ ساڪرو ۽ ڄام برانچ ۾ پڻ  پاڻي جي شديد پيدا ٿيل کوٽ جي ڪري ٺٽي ۽ ساڪري تعلقي جي سموري انساني آبادي پيئڻ توڙي پوکيءَ جي پاڻي کان محروم ٿي وئي آهي ۽ ٺٽي ضلعي جي پيئڻ توڙي ان جي پوکي واري پاڻي جي فراهمي بند ڪري ڪراچي کي پاڻي مهيا ڪرڻ واري عمل سبب ضلعي ٺٽي جي لکين انساني آبادي سامهون، ڪراچي کي روزانو 12 سئو ڪيوسڪ جي لڳ ڀڳ پاڻي جي ڪي ڊي اي واهه ذريعي ٿيندڙ پاڻي جي فراهمي ٿي رهي آهي ۽ ضلعي ٺٽي جو عوام ڪينجھر جي پاڻي کان محروم آهي.

جيتوڻيڪ ڪراچي کي ٺٽي جي ڪينجھر ڍنڍ مان روزانو 12 سئو ڪيوسڪ کان مٿي فراهم ٿيندڙ پاڻي جي رائيلٽي جو هڪ رپيو به نٿو ڏنو وڃي ۽ نه ئي پاڻي کوٽ دوران ڪينجھر مان ٺٽي واسين کي پيئڻ لاءِ پاڻي جي فراهمي ڪئي وڃي ٿي.

ضلعي ٺٽي جي سمورن شهرن توڙي ان جي مڙني ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾ پاڻي پيدا ٿيل سخت کوٽ ۽ پاڻي جي نه هجڻ تي ٺٽي ۾ گذريل سوا ٻن مهينن کان احتجاج جاري آهي. ٺٽي واسي اها گهر ڪري رهيا آهن ته،  ڪراچي کي پاڻي مهيا ڪندڙ ڪي ڊي اي واھ مان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ڪئي وڃي، پر الائي ڇو ٺٽي واسين کي پنهنجي ڪينجھر مان به پاڻي زرعي آبادي لاءِ ته ٺهيو، پيئڻ لاءِ به نٿو ڏنو وڃي. سنڌ انتظاميا ۽ ٺٽي ضلعي جي چونڊيل نمائندن کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته، امن امان جو مسئلو ٿي سگهي ٿو، جنهن سان انتظاميا کي مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون. پاڻي بنيادي انساني حق آهي پر حيرت اها آهي ته ان بنيادي حق کان به ماڻهن کي محروم رکيو پيو وڃي.