پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ عمران خان جو مستقبل

0
123

عبدالصبور گاڏھي

  پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اهو پهريون دفعو نه آهي جو ائين ئي سياسي پارٽيون رات پيٽ ۾ ٺهن ۽ وري هڪ ئي ڌڪ سان انهن جو نالو نشان ختم ٿي وڃي. پاڪستان جي اندر اھا سياسي راند ملڪ ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينھن تائين هڪ مخصوص سرڪل ۾ گهمي رهي آهي، جنهن جو نتيجو هن وقت اهو آهي جو 75 سال گذري وڃڻ کان پوءِ به ملڪ ۾ ڪا به مثبت تبديلي نه اچي سگھي آھي. تبديلي نه اچڻ جو ڪارڻ ملڪ اندر مضبوط سياسي نظام نه ھجڻ، سياسي پارٽين اندر نظرياتي سوچ جي بجاءِ صرف پنھنجا نوازي کي اھميت ڏيڻ، وڏين سياسي پارٽين اندر نسل در نسل سياست تي حاوي ھجڻ، ھيٺئين طبقي واري ڪنھن به سياسي ماڻھوءَ کي صوبائي، مرڪزي سياست ۾ جگھ نه ڏيڻ، انصاف ۽ عدالتي نظام اندر “جيڪو ڏاڍو سو گابو” واري اصول جو ھلڻ، جنھن ۾ مٿئين طبقي وارن لاءِ الڳ قانون ۽ عام ۽ لاچار ماڻهن لاءِ الڳ قانون جي ھجڻ سميت تعليم، صحت، معاشيات توڙي ڪنھن به اداري ۾ مضبوط پاليسين جو لاڳو نه ٿيڻ سان ھن وقت ملڪ پنهنجي روايتي حريف پاڙيسري ملڪ کان ته تمام پوئتي آهي پر خطي جي ٻين ملڪن سان به جيڪڏهن مختلف ميدانن ۾ ڀيٽ ڪجي ته ملڪ ڪافي پوئتي نظر ايندو. ھن مضمون ۾ اسين ملڪي موجوده حالتن جو ماضيءَ ۾ ساڳئي طريقي سان اسٽيبلشمينٽ جو ٻين سياسي پارٽين سان ڪيل ورتاءَ جو جائزو وٺنداسين.

فوجي آمر جنرل ضياءَ جي دور ۾ جڏهن پيپلز پارٽي پنهنجي عروج تي پهچي ۽ عوامي حمايت جي آڌار تي  هڪ ڌارا کان نڪري (اسٽيبلشمينٽ پاران سياسي جماعتن لاءِ  طئي ٿيل ھڪ مخصوص ليڪ) جڏهن پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ لڳي ته ان کي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي لاءِ خطرو محسوس ڪيو ۽ پوءِ ان خلاف ڪم ڪرڻ شروع  ڪيو. جلد ئي پيپلز پارٽي جي خلاف ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين کي پاڪستان نيشنل الائينس جي ڇٽيءَ هيٺ گڏ ڪري پيپلز پارٽي لاءِ هڪ سياسي مخالف ميدان ٺاهيو ويو، ڇو جو اسٽيبلشمينٽ کي خدشو هو ته اگر پيپلز پارٽي هڪ دفعو ٻيهر اقتدار ۾ اچي وئي ته اسان جي ملڪي اجاراداري مڪمل طور ختم ٿي ويندي. جنهن کان پوءِ هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ذوالفقار ڀُٽي کي ڦاهي ڏني وئي، جيڪو ڪجهه ڏهاڪن کان پوءِ ان بينچ ۾ موجود ججن پاڻ تي دٻاءَ هيٺ  هجڻ جو اعتراف ڪيو ۽ اهو پڻ  چيو ته اسان کان غلط فيصلو ورتو ويو.

ان وقت جي مقبول ترين سياسي پارٽي کي ايندڙ اليڪشن مان ختم ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪيا ويا پر ڪو فائدو نه ٿيندي ڏسي ڪري ملڪ اندر جمھوري نظام جي تڏا ويڙھ ڪئي وئي ۽ ملڪ ۾ مارشلا نافذ ڪري پيپلز پارٽي کي مڪمل طور ختم ڪرڻ لاءِ ان جي پوري قيادت ۽ ڪارڪنن لاءِ ڌرتي ٽامو ڪئي وئي، جنھن جو نتيجو اھو نڪتو جو سنڌ صوبي اندر هڪ زبردست سياسي تحريڪ  ايم آر ڊي (جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ) جنم ورتو. ان تحريڪ جي اثر کي گھٽ ڪرڻ لاءِ  رياست طرفان سياسي ڪارڪنن تي هر قسم جو ٽارچر ڪيو ويو. پوءِ رياست مجبور ٿي مارشلا ختم ڪري بنا پارٽي نالي جي جنرل اليڪشن جو اعلان ڪيو ويو. ان اليڪشن ۾ سنڌ صوبي مان تحريڪ جي اثر کي گھٽ ڪرڻ لاءِ محمد خان جوڻيجي کي ملڪ جو وزير اعظم مقرر ڪيو ويو، جيڪا حڪومت به ٽن سالن کان پوءِ ختم ٿي وئي. ان وقت اصل مقصد پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ ھو.

1996ع ۾  پاڪستان مسلم ليگ نواز گروپ وڏي اڪثريت سان ملڪي جنرل اليڪشن کٽي ملڪي تاريخ ۾ پهريون دفعو بنا ٻين سياسي پارٽين جي سهاري اڪيلي سر حڪومت ٺاهي ورتي. وڏي سياسي ڪاميابي جي نتيجي ۾ مسلم ليگ جي اڳواڻ پنهنجا من پسند فيصلا ۽ قانونسازي ڪندا رھيا (مخصوص ليڪ پار ڪندا رھيا) ۽ اهو وساري ويٺا ته ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ڪڏھن به پاڻ کي ڪنھن به تڪليف ۾ وجھڻ پسند ناھي ڪندي. جنهن کي جڏهن به خطرو محسوس ٿيندو آهي ته ڪو به غير آئيني فيصلو ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا آهن. مسلم ليگ (ن) قيادت پنهنجي ملڪي مقبوليت کي جواز ڄاڻائي پنهنجي سياسي مخالفن سميت ملڪي ادارن جي  تقدس کي به پائمال ڪندي رھي، جنھن ۾ سپريم ڪورٽ تي ڪيل حملو پڻ مسلم ليگ نواز لاءِ ھڪ تاريخي  ڀيانڪ خواب مثل وانگي آھي. پنهنجي مقبوليت کي سامهون رکندي وزير اعظم نواز شريف کيس لاعلم رکي شروع ڪيل ڪارگل معرڪي تي پريشان ٿي آمريڪا وڃي جنگ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. بس اھو ئي عمل ھو، جو ھڪ مخصوص ليڪ پار ڪرڻ جيان ڀانئيو ويو ۽ نتيجي ۾ ملڪي تاريخ ۾ وڏي اڪثريت سان کٽي ايندڙ پارٽي جي حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪري ان وقت جي فوجي سربراھ جنرل مشرف ملڪ ۾ ايمرجنسي ھڻي ڇڏي ۽ نواز شريف سميت پوري مسلم ليگ (ن) جي قيادت کي جيلن ۾ بند ڪري ڇڏيو. جنھن کان پوءِ نواز شريف اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپيل ماڻھن سان ھڪ خفيه معاھدو ڪري ملڪ مان ڏھن سالن لاءِ جلاوطن ٿي ھر قسم جي سياسي ڪمن ڪارن کان پاڻ کي پري ڪري ڇڏيو ۽ مسلم ليگ نواز جي پارٽي مختلف گروپن ۾ پڻ تقسيم ٿي وئي، ان وقت به اھا سوچ ھئي ته پارٽي کي مڪمل طور ختم ڪيو وڃي.

ڏھن سالن کان پوءِ 2008ع ۾ ھڪ دفعو ٻيھر نواز شريف جي سياست ۾ داخلا ٿئي ٿي پر پيپلز پارٽي جي اڳواڻ بينظير ڀٽو جي شھيد ٿيڻ کان پوءِ ملڪي حالتون تبديل ٿي ويون ۽ پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان سياسي ميدان ۾ ڪاميابي حاصل ڪري مرڪزي حڪومت ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. 2013ع جي جنرل اليڪشن ۾ مسلم ليگ نواز مرڪز ۾ پنھنجي حڪومت ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ھن دفعي اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپيل ماڻھن پاڪستان تحريڪ انصاف کي پڻ ملڪي سياسي ڌارا ۾ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ  جي خلاف ميدان ۾ لاھي ڇڏيو. جنھن ڪجھ ئي وقت ۾ سياسي طوفان پرڀا ڪري ڇڏيو ۽ ملڪ اندر تبديلي جي مضبوط نعري ھيٺ ھيٺين سطح تائين لھي آئي. جنھن جو نتيجو اھو نڪتو جو 2018ع جي جنرل اليڪشن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي سياسي مدد سان پاڪستان تحريڪ انصاف مرڪزي ۽ ٽن صوبن ۾ حڪومت ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. پر سياسي نابالغي ۽ ناتجريبڪار ماڻھن جي ڪري ائين محسوس ٿي رھيو ھو ته ملڪ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن سکان نه ھلي سگھندو. اسٽيبلشمينٽ عمران خان جي حڪومت کي ڪامياب ڪرڻ ۽ ان کي رستي تي ھلائڻ لاءِ تمام گھڻي ڪوشش ڪئي پر ملڪ جو ٽن سالن جي اندر معاشي ڏيوالو ئي نڪري ويو. مجبور ٿي ڪري اپوزيشن جي مدد سان آئيني طريقڪار تحت عمران خان خلاف پارليامينٽ ۾ بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي وئي، جيڪا ڪامياب ٿي وئي ۽ عمران خان گھر ڀيڙو ٿي ويو. جنھن کان پوءِ عمران خان پنھنجي سياست ۾ سھپ ۽ رواداري جي بجاءِ تمام جارحاڻو انداز استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪايائين. مختلف وقتن تي پارٽي جا اڳواڻ عمران خان کي روڪيندا رھيا ته انھن سان جھيڙو اسان کي نقصان ڏيندو، پر عمران خان  اھو سمجھيو ته جارحاڻو انداز استعمال ڪرڻ سان اسٽيبلشمينٽ جا با اختيار ماڻهو مون سان ڳالھين جي ميز تي ايندا ۽ مان پنھنجا مطالبا مڃائي ھڪ دفعو ٻيھر حڪمراني جا مزا ماڻيندس. پر اھو سڀ ڪجھ بيڪار ويو. سياسي نابالغي جي ڪري عمران خان ملڪ اندر پنھنجي ڪارڪن کي رياستي ادارن خلاف ڀڙڪائڻ شروع ڪيو، جنھن سان ملڪ اندر ھڪ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي وئي. جنھن کان پوءِ عمران خان کي گرفتار ڪيو ويو، جنھن جي نتيجي ۾ ڪارڪنن ردعمل طور 9 مئي تي رياستي ادارن جي آفيسن تي چڙھائي ۽ ڀڃ ڊاھ سان گڏ ڪور ڪمانڊر جي گھر کي باھ ڏئي ڇڏي. ان خطرناڪ عمل جي ردعمل ۾ ھن وقت پاڪستان تحريڪ انصاف جا مرڪزي اڳواڻ پارٽي ڇڏي چڪا آھن ۽ عمران خان جو سياسي ڪريئر ختم ٿيڻ سان گڏوگڏ فوجي عدالتن ۾ ڪيسن کي منھن ڏيندو.

ھن وقت پاڪستان تحريڪ انصاف سان ساڳي تاريخ ورجائي پئي وڃي، جنھن جو ذڪر مان مٿي ڪري آيو آھيان. اھڙي قسم جي ڪريڪ ڊائون کي پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز پڻ منھن  ڏئي آيون آھن. ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته عمران خان تاريخ مان ڪيترو سبق حاصل ڪندو ۽ ملڪي سياسي راند ۾ شامل ھوندو يا ايم ڪيو ايم جي قائد وانگر گمنامي واري زندگي بسر ڪندو.