ڳالھ ڪيان ڪيهي! … يڪتاري جو آواز ڇو نٿا ٻڌو؟

0
231
ڳالھ ڪيان ڪيهي! ... يڪتاري جو آواز ڇو نٿا ٻڌو؟

 ڄامشوري ۾ ٻه سئو چاليھ گز جو پلاٽ هن واڌو پئسا انويسٽ ڪرڻ لاءِ نه ورتو هو، هن جي ورتل پلاٽ جي پٺيان سندس زال جا مائٽن کان مليل سمورا سونا ڳھ ڳٽا وڪامي ويا هئا. ٻين لفظن ۾ ته هن جو پلاٽ زندگيءَ جي ڪيل ڪمائيءَ جو حصول هو. ڄامشوري جي هن يگاني انسان جي زندگيءَ جي موڙي اهو پلاٽ آهي، جيڪو هن سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ کان خريد ڪيو.

                 هي قصو آهي ڄامشوري ۾ رهندڙ ان لوڪ فنڪار، سگهڙ ۽ شاعر صوفي قمر لطيفيءَ جو، جنهن جي سون کپائي ورتل پلاٽ تي هن وقت قبضو ٿي چڪو آهي. قمر لطيفيءَ وٽ ٻي ڪابه ملڪيت ناهي. ماستريءَ جي پگهار تي پلجندڙ سندس خاندان ڄامشوري ۾ مسواڙ جي گهر ۾ رهي ٿو. هن پنهنجي زال سان گڏجي هزارين ڀيرا فقط هڪڙو ئي خواب ڏٺو هو ته ڪينجهر ڍنڍ واري پاسي کان، جتان ٿڌين هوائن جو رستو آهي، ڄامشوري جي ان ٽڪريءَ تي هنن جي پنهنجي ذاتي پلاٽ تي پنهنجو ننڍڙو هڪڙو گهر هجي. پوءِ ان خواب جي تڪميل لاءِ هن پنهنجي پيٽ تي پٿر رکيا. سندس ٻار ڀر واري پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهڻ بدران ڪيمل ڪلر جا ڪپڙا پائي ان سرڪاري اسڪول ۾ پڙهڻ لڳا، جتي جو ماستر بائيو ميٽرڪ وارن سان ملي ڀڳت ڪري اسڪول ۾ ايندو ئي ناهي. لمس اسپتال جي لال بتيءَ مان علاج ڪرائيندڙ هن جي زال عيد تي به اڪثر ڌوتل ڪپڙا استري ڪري پائيندي آهي.

ڄامشوري جي رهواسي قمرالدين کي سندس پلاٽ ۽ پهرئين پيار کان به گهڻو اڳ ڀٽائيءَ سان عشق ٿيو هو. زندگيءَ جو ڳچ عرصو اسڪول ۾ ٻارن کي سبق پڪا ڪرائيندڙ قمر لطيفيءَ کي نصابي ڪتابن ۾ لکيل جهرڪين، ڪٻرن ۽ ڪوڙن قومي هيرن جي قصن ۽ ڪهاڻين کان وڌيڪ لطيف جا بيت ياد آهن. هن کي نصابي ڪتابن ذريعي هٿ سان ٺاهيل هيرن کان وڌيڪ ته پنهنجي ان پلاٽ سان پيار آهي، جنهن تي هن وقت قبضو ٿي چڪو آهي. پلاٽ جي بُڪنگ ڪرائڻ کان پوءِ سون وڪڻي قرض لاهيندڙ صوفي فنڪار قمر لطيفيءَ جي دوستي انهن اديبن ۽ شاعرن سان آهي، جن وٽ لفظن جي ڀيٽائن کان سواءِ ٻي اهڙي ڪا طاقت ڪانهي، جنهن سان سندن دوست جو پلاٽ آجو ڪرائڻ ۾ مدد ملي سگهي. صوفي فنڪار قمر لطيفيءَ وٽ پلاٽ ڇڏائڻ لاءِ نه ته تر جي ايم پي اي سان سڃاڻپ آهي ۽ نه ئي وٽس ايترا پئسا آهن، جو هو سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جي آفيس ۾ ويٺل وڏن آفيسرن کي ڏئي سگهي.

قمر لطيفيءَ وٽ سندس ٽٽل ڦٽل ڪجھ شاعريءَ کان سواءِ ٻي ڪا دولت آهي ته اها آهي ڀٽائيءَ جي شاعري! هڪ ڏينهن هن ڀٽائيءَ تي وڃي لطيف کي دانهن ڏني. لطيف کيس ڪابه ورندي ڪانه ڏني، هن هڪڙو ڀڳل سڳل سستو يڪتارو خريد ڪيو ۽ ڀٽائيءَ جي اڱڻ تي بيهي ڪلام ڳائڻ لڳو…

“لائي لنئون ادا ويو نڪري، منھنجو ھوت سڄڻ اڄ ماري ويو،

دلبر دلڙي ڌتاري ويو،

سُتي پيتم سُور جي،

پينگھي منجھ پياري ويو،

دلڙي دلبر ڌتاري ويو”….

ڀٽائيءَ جي اڱڻ تي بيهي پهريون احتجاج ڪرڻ واري وقت کي پورا ڏھ سال گذري ويا آهن. توڙي جو صوفي قمر لطيفي پاران ڀٽائيءَ کي سندس ئي ٻوليءَ ۾ ٻڌايل دل جي درد جو اڃان تائين ڪو به درمان ٿي نه سگهيو آهي پر هن پنهنجي پلاٽ تي ٿيل قبضو ڇڏائڻ لاءِ يڪتارو وڄائي احتجاج ڪرڻ وارو سلسلو اڃان تائين بند ناهي ڪيو. قمر لطيفي اٽڪل ساڍا ٽي هزار ڏينهن کان وٺي يڪتاري چپڙيءَ تي  لطيف جون وايون ڳائي احتجاج ڪندو اچي. قمر لطيفيءَ کي احتجاج ڪرڻ جي مروج فن ۽ قانون جي خبر ڪانهي. هن وٽ اهڙي ڪا موبائل فون به ڪانهي، جنهن تي واٽس ڪيل پريس رليز کان پوءِ ٻئي ڏهاڙي جون لڳل خبرون ڳولهي سگهجن. هن جو پينا فليڪس وارو ڇپايل بينر اڪثر ويڙهيل ئي رهندو آهي، ڇاڪاڻ ته اڪيلي سر ڪيل احتجاج دوران هو هڪ هٿ سان يڪتارو ۽ ٻئي هٿ سان چپڙي وڄائيندو آهي. شهرن جي چونڪن تي ۽ پريس ڪلبن جي آڏو احتجاج ڪرڻ کان پوءِ هاڻي هر ماڻهو کيس چڱيءَ ريت سڃاڻي ويو آهي، ان ڪري هاڻي هروڀرو ڪير هن کان حال احوال به ناهي وٺندو. هن کي ٽنڊي باگي ۾ مارجي ويل ٻيڙي ٻاڌاري رفيق کوسي جي دوست عارب لوهار جي بک هڙتال واري رڪارڊ جي ڪابه خبر ناهي پر ڏينهن عيد جو هجي يا عاشوري جو، قمر لطيفيءَ جو احتجاج به جاري رهندو آهي. هن جي ڪنهن سياسي پارٽيءَ سان وابستگي ناهي، ان ڪري ڪلهن تي رکيل سندس گيڙو مفلر هن جو پرچم آهي. قمر لطيفيءَ کي گهڻن ئي ماڻهن سمجهايو آهي ته سندس پلاٽ تي ٿيل قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ هن جي اهڙي احتجاج تي ڪوبه ڌيان نه ڏيندو پر پوءِ به سندس يڪتارو وڄندو رهي ٿو. صوفي قمر لطيفي سرڪاري آفيسن ۾ اندر وڃي يڪتارو وڄائي احتجاج ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي پر سندس صوفي ڪلامن سبب دفترن ۾ ويٺل آفيسرن جي ڪم ۾ رخنو پوي ٿو، ان ڪري ڊي سي آفيس ۽ ٻين سرڪاري آفيسن ۾ مٿس اهڙي احتجاج ڪرڻ تي پابندي پيل آهي.

ان ڏينهن جڏهن سڄي ضلعي جا چونڊيل نمائندا پنجن سالن لاءِ عوامي خدمت ۽ ملڪ سان وفاداريءَ جو حلف کڻي رهيا هئا، تڏهن صوفي قمر لطيفي اسيمبليءَ جي در تي بيهي ساڳئي نموني احتجاج ڪري رهيو هو. اٽڪل ساڍا ٽي سئو چيئرمينن ۽ ميمبرن منجهان هڪ ڄڻي به هن کي نه کيڪاريو.

صوفي فنڪار قمر لطيفي جو ان ڏينهن آواز جهيڻو هو، کانئس پڇيم،

“صوفي ڏي خبر، تو واري پلاٽ تان قبضو ختم ٿيندو يا نه؟” هن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو ۽ لطيف جي وائي ڳائڻ لڳو،

”ٻاروچي ساڻ ٻَڙي جيڏيون، هيڪر ٿيان هيڪاندي.

چڙهي نه سگهان چوٽيين، دوست بنا دل ماندي.

پهچائيج پنهونءَ کي،

هيءَ پيادڙي پانڌي” ….

هن جو آواز جهيڻو ٿيندو ويو، چپڙيءَ جا کڙڪا ڪنن ۾ ڌڪ هڻڻ لڳا.

“ڀينر هن ڀنڀور ۾، آئون ايرادڙي آندي،

پورهيت پنهونءَ ڄام جِي،

باندين جي آئون باندي”….

هن اکيون پوري ڇڏيون پر سندس چپڙي وڄندي رهي. هن منهنجي ڪنهن به سوال جو جواب نه ڏنو. هو لطيف جي وائي ايئن ڳائي رهيو هو، جيئن ڪو راھ ڀٽڪيل مسافر  تمام گهڻي اڃ ۾ اوچتو مليل پاڻي پيئندو آهي،

“ڪرم ساڻو ڪريم جي، ڪيچي ٿيندم ڪانڌي،

نماڻيءَ نصيب ٿئي، پنهونءَ پيراندي”…..

 هن منهنجي پڇيل هڪ سوال جو به جواب نه ڏنو،

چپڙيءَ جا کڙڪا ڪنن ۾ ڌڪ هڻڻ لڳا هئا، هن جي هٿ ۾ جهليل ڀڳل ٽٽل يڪتاري جون تارون ٽُٽي چڪيون هيون!