لنڊن (م ڊ) برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ جي مڙس شهزادي فلپ جون آخري رسمون سڀاڻي برطانوي وقت موجب ٽپهري جو 3 وڳي ادا ڪيون وينديون جنهن ۾ 30 ڄڻا شرڪت ڪندا جن جي لسٽ شايع ڪئي وئي آهي. تدفين ۾ 700 فوجي، نيوي، ميرين آفيسر خدمتون انجام ڏيندا، شهزادو وليم ۽ هيري پنهنجي والد چارلس ۽ گهر جي ٻين ڀاتين سان گڏ مڙهه جي پويان هلندا، چارلس ۽ سندس ڀيڻ ايني گاڏي ۾ سفر ڪندا، راڻي رڳو سروس ۾ شرڪت ڪندي. شاهي خاندان جا فرد ايڊورڊ، اينڊريو، پيٽر فلپس، ٽم لارنس، ارل آف سنوڊن به شريڪ ٿيندا.