دبئي (م ڊ) متحده عرب امارات پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ٽياڪڙي ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، آمريڪا ۾ عرب امارات جي سفير يوسف العتيبه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته عرب امارات پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪشمير تي تڪرار تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ جنگبندي ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اميد آهي ته انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا بحال ٿي ويندا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت شايد سٺا دوست ته نه بڻجي سگهن پر اسان چاهيون ٿا ته ٻنهي ملڪن جا ناتا اهڙا ٿي وڃن جو ٻئي پاڻ ۾ ڳالهيون ته ڪن. عرب ميڊيا موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳجهيون ڳالهيون هلندڙ سال جنوري ۾ عرب امارات ۾ ٿيون هيون.