اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان وفاقي وزير فواد چوڌري کي سڌ سماءَ جي وفاقي وزارت جو قلمدان ڏئي ڇڏيو آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي سينيٽر فيصل جاويد پاران جاري ڪيل بيان ۾ تصديق ڪندي چيو آهي ته فواد چوڌري کي هڪ ڀيرو ٻيهر سڌ سماءَ وزارت جو قلمدان ملڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ ان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيان ٿو. ياد رهي ته فواد چوڌري پي ٽي آءِ جي مرڪز ۾ حڪومت قائم ٿيڻ وقت پهريون سڌ سماءَ جو وفاقي وزير هو، جنهن کانپوءِ قلمدان واپس وٺي وزيراعظم عمران خان فردوس عاشق اعواڻ کي سڌ سماءَ جو خصوصي معاون مقرر ڪيو هو، جنهن کانپوءِ ان کي به هٽائي وزيراعظم شبلي فراز کي سڌ سماءَ جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو ۽ هاڻي وري شبلي فراز کان قلمدان واپس وٺي فواد چوڌري کي سڌ سماءَ وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي، جنهن جو جلد نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جو امڪان آهي، پر سڌ سماءَ وزارت جي ميڊيا لاءِ جوڙيل واٽس ايپ گروپ ۾ وزارت لاءِ عملدارن پاران فواد چوڌري جا بيان شيئر ڪرڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته سينيٽر شبلي فراز کي پيٽروليم وزارت جو قلمدان ملڻ جو امڪان آهي.