لاهور (بيورورپورٽ) لاهور هاءِ ڪورٽ مذهبي تنظيم جي سربراهه جي گرفتاري ۽ مظاهرن جي معاملي تي جي آءِ ٽي جوڙڻ جي درخواست ٻه لک رپيا ڏنڊ لڳائيندي رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس قاسم خان جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ جي آءِ ٽي جوڙڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي. چيف جسٽس چيو ته ڪهڙي قانون تحت جي آءِ ٽي جوڙي وڃي؟ وڪيل ٻڌايو ته گرفتاري کان فورن پوءِ ملڪ ۾ مظاهرن سان ماڻهن کي ڏکيائيون ٿيون، پوليس پنهنجي ذميواري ادا نه ڪئي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته سوچيو وڃي ته ڪيترا پوليس اهلڪار شهيد ۽ زخمي ٿيا، روڊ بند ٿيڻ سان ڪيتريون ڏکيائيون ٿي رهيون آهن، ايمبولينسن ۾ ڪيترائي ماڻهو مري ويا آهن، درخواست ۾ ڪهڙي اپيل ڪئي وئي آهي؟ هي پنچائت ناهي توهان قانون جي ڳالهه ڪريو. عدالت بعد ۾ درخواست ڏنڊ لڳائي رد ڪري ڇڏي.