اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي هدايت تي وفاقي حڪومت برسات ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي، وزيراعظم ناڻي وزارت کي فوري طور 5 ارب رپيا اين ڊي  ايم اي کي جاري ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي، ڪالهه وزيراعظم جي صدارت ۾ ٻوڏ صورتحال جي جائزي لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن، صلاحڪارن، پارليامينٽ جي ميمبرن، سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽرين، سينيئر حڪومتي عملدارن، اين ڊي ايم اي چيئرمين، موسميات کاتي جي ڊي جي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي ريسيڪيو ۽ رليف آپريشن بابت تفصيلي بريفنگ به ڏني وئي.وزيراعظم اين ڊي ايم اي، صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽين جي وچ ۾ ريسڪيو ۽ رليف جي ڪم کي موثر انداز ۾ سرانجام ڏيڻ لاءِ ڪاميٽي به قائم ڪئي، ڪاميٽي ۾ رٿابندي جو وفاقي وزير احسن اقبال، مواصلات جو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، هائوسنگ ۽ ورڪس جو وفاقي وزير مولانا عبدالواسع، پارلياماني مامرن جي مملڪتي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت وزيراعظم جو صلاحڪار قمر الزمان ڪائره، اين ڊي اي چيئرمين ۽ وفاقي سيڪريٽري مواصلات شامل هوندا، وزيراعظم ڪاميٽي کي اڄ ئي پنهنجو اجلاس ڪري وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۾ ڪوآرڊينيشن کي بهتر ڪرڻ لاءِ تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وزيرن تي ٻڌل ڪاميٽي ٻوڏ متاثرن علائقي جي دوري بابت به آگاهه ڪيو، وزيراعظم آفيس جي پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي ريسڪيو، رليف ۽ بحالي هڪ قومي فرض آهي، اسان کي پارٽي مفادن کان بالاتر ٿي عوام جي مدد ڪرڻي آهي، اسان سياست بعد ۾ ڪنداسين، هن وقت متاثر ماڻهن جي ڏکن جو ازالو ڪرڻ جو وقت آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ موسمي تبديلي جي روشني ۾ وچئين ۽ ڊگهي مدت جي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، صوبائي حڪومتون مستند معلومات تي ٻڌل رپورٽون وفاقي حڪومت کي ڏين ته جيئن نقصان جو ڪاٿو لڳائي سگهجي ، اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي کي چئني صوبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، وزيراعظم چيو ته آئون ڪاميٽي ٺاهي رهيو آهيان جيڪا صوبن سان ڳالهائي متاثر ٿيل آبادگارن جا زرعي قرض معاف ڪرڻا آهن، وياج جو ڇا ڪرڻو آهي ان حوالي سان به ڪاميٽي مامرن کي ڏسي وٺي، هن چيو ته وسيلا وفاق ۽ صوبن وٽ محدود آهن پر فنڊن جو بندوبست ڪنداسين، ڇو ته آبادگارن کي نوان فصل پوکڻا آهن جنهن لاءِ ٻج ۽ ٻين خرچن لاءِ انهن کي پيسا گهرجن.