ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار پاران سنڌ جي اڳوڻي آءِ جي اي ڊي خواجا خلاف خانگي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو سوشل ميڊيا، ڊجيٽل ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا تي ٻيهر هلائڻ کان روڪيندي رائو انوار کي نوٽيس جاري ڪري 31 آگسٽ تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه سنڌ جي اڳوڻي آءِ جي اي ڊي خواجا پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران سندس وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته  اي ڊي خواجا هن وقت 22هين گريڊ ۾ نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ مقرر آهي. ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار 18 جون تي خانگي ٽي وي چينل کي درخواستگذار خلاف تڪراري انٽرويو ڏنو، جنهن سبب درخواستگذار جي ساک متاثر ٿي آهي. وڪيل وڌيڪ چيو ته رائو انوار نقيب الله محسود سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي عدالت کان مٿانهن قتل وارن واقعن ۾ ملوث آهي. عدالت رائو انوار کي نوٽيس جاري ڪري 31 آگسٽ تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو . عدالت رائو انوار پاران خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو سوشل ميڊيا، ڊجيٽل ميڊيا ۽ پرانٽ ميڊيا تي ٻيهر هلائڻ کان روڪي ڇڏيو.