سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن مان برساتي پاڻي نيڪال ۽ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ 22 صفحن تي ٻڌل تفيصلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالتي فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ حڪومت وقت سر پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ ۾ ناڪام وئي. عدالت طرفان جاري ڪيل هدايتن تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، 6 مهينا گذري ويا آهن اڃا به هزارين متاثر بنيادي سهولتن کان محروم ۽ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. تفصيلي فيصلي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته خيرپور، نوشهروفيروز، گهوٽڪي ۽ سکر جي علائقن ۾ هن وقت به پاڻي بيٺل آهي. سنڌ حڪومت متاثرن لاءِ اربين روپيا مختص ۽ جاري ڪيا پر متاثرن تي خرچ ناهن ڪيا ويا. ڊي سيز جي سربراهي ۾ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ڪاميٽي کي ملندڙ فنڊن جي غلط استعمال ۽ امتيازي ورتاء، بدعنواني، جانبداري متعلق عدالت کي شڪايتون مليون آهن، عوام سخت متاثر ٿيو آهي. انهن جون زندگيون هن وقت به خطري هيٺ آهن. ڪو به آفيسر ايمانداري سان پنهنجو فرض ادا نه پيو ڪري. اهي به شڪايتون مليون آهن ته متاثرين مليريا، چمڙي سميت مختلف بيمارين ۾  مبتلا آهن. عدالت صحت کاتي جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته رليف ڪئمپن ۾ هنگامي بنيادن تي عارضي ڊسپينسريون ۽ موبائيل ميڊيڪل يونٽس ضروري دوائن سان گڏ قائم ڪيا وڃن. ٻي صورت ۾ اڻوڻندڙ واقعي جي صورت ۾ صحت وارو سيڪريٽري ۽ ڊي ايڇ اوز ذميوار هوندا.  بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ ڪٽوتي جون شڪايتون مليون آهن، اهلڪار ۽ بئنڪ عملو ملوث نڪتو ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ حڪومت نادرا ذريعي متاثرين جي گهرن جي بحالي جو ڪم ڪري، ٻن مهينن اندر پاڻي جي قدرتي لنگهن تان قبضا ختم ڪرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. چيف سيڪريٽري. صحت وارو سيڪريٽري ۽ آبپاشي سيڪريٽري متاثر علائقن ۾ وڃي کلي ڪچهريون ڪري متاثرين جا مئسلا حل ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪن.