سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ يونائيٽڊ پارٽيءَ سکر ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري عيدن جاگيراڻي کنڀجي ويو، سائيٽ ايريا پوليس جا اهلڪار ۽ سادن ڪپڙن ۾ ملبوس نقاب پوش ايس يو پي اڳواڻ کي گھر مان کنڀي کڻي ويا. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻن روشن ٻرڙو ۽ امير آزاد پنهور عيدن جاگيراڻيءَ جي اغوا کي جمھوريت تي راتاهو قرار ڏئي ڇڏيو. عيدن جاگيراڻيءَ جي ڀاءُ شربت ۽ ڀائٽي جميل جاگيراڻيءَ موجب سائيٽ ايريا پوليس جا اھلڪار ۽ سادا ڪپڙا پهريل نقاب پوش عيدن جاگيراڻيءَ جي گھر ۾ گھڙي پيا. چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪري عيدن جاگيراڻي کي کنڀي کڻي ويا. ڪنھن به ٿاڻي تي سندس گرفتاري ظاھر ناھي ڪئي وئي. گهر ڀاتي سخت پريشان آهن. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن ٻرڙي عيدن جاگيراڻي جي گھر ڀاتين سان رابطو ڪري واقعي جا تفصيل ورتا. هن عيدن جاگيراڻيءَ جي گرفتاريءَ جي مذمت ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جمھوري روايتن جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا آهن. سن ۾ پوليس ۽ رينجرز جي غير قانوني چڙھائي خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن کانپوءِ ڪارڪنن جي گرفتاري جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي. هن مطالبو ڪيو ته عيدن جاگيراڻيءَ کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. ڪارڪنن جي بازيابيءَ تائين خاموش نه ويهنداسين.