ڪراچي (نمائندن وٽان) آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز ليبر يونين جي سڏ تي واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ۽ ڌرڻا هنيا ويا، حيدرآباد ۾ عبداللطيف نظاماڻي، اقبال احمد خان، ملڪ سلطان علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملازمن ليبر هال کان پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، سکر ۾ ملازمن نثار شيخ، زاھد حسين شاھ، شجاعت گھمرو، نظر ميمڻ، خليل احمد ڊومڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، لاڙڪاڻي ۾واپڊا ھائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين پاران نثار شيخ، عبدالله سومرو، سجاد حسين جي اڳواڻي ۾ پاور هائوس کان احتجاجي ريلي ڪڍي جناح باغ چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، بدين  ۾ غوثا خان، اميد علي چانگ، محمد صديق ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، دادو ۾  محمد وريل ميراڻي، عبدالحميد جمالي، الطاف ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، مٺي ۾ واپڊا ملازمن صابر اقبال، ميرحسن قائمخاني، غلام رسول راهمون، حمزو عمراڻي، دلپت راء، نرمل ميگهواڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هڙتال ڪري احتجاج ڪيو، ٺٽو ۾ وحيد رند، منور علي تارو، امير کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو، جيڪب آباد ۾ عدنان لاشاري، احمد نواز لاشاري جي اڳواڻي ۾ واپڊا آفيس کان جلوس ڪڍي ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، گهوٽڪي ۾ واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف سيپڪو ملازمن امجد علي شاهه، عبدالرئوف ڪولاچي، قوت علي شاهه، رياض عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، خيرپور ۾ ملازمن لالا نزاڪت پٺاڻ، فيروز ابڙو، عبدالحق  شيخ، نعمت خان، طارق احمد ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ واپڊا آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، سيوھڻ ۾ واپڊا ھائيڊرو ورڪر يونين پاران ريلي ڪڍي انڊس هاءِ وي تي احتجاج ڪيوويو، ٺاروشاهه ۾ ملازمن زمان مهيسر، حنيف خانزادهه، مجتبيٰ اڄڻ، يونس سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، مورو ۾ امتياز ملاح، اسلم عباسي، شاھنواز ملاح، شفقت قريشي، عبدالحميد گھانگھرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪنري ۾ واپڊا ملازمن طاھر آرائين، علي گل ڀنڀرو، نٿو مل ڪڇي، جعفر شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آفيس کي تالا ھڻي احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، ڪنڊيارو ۾ ملازمن اسحاق مڱريو، رياض هيسباڻي، ولي محمد ڀاڳت، زاهد مهيسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ٽنڊوآدم ۾ اختر ڪلوئي، نور حسن ٻگھيو ۽ منظور خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ واپڊا ملازمن احتجاجي ريلي ڪڍي، خانپورمهر ۾ ملازمن علي حسن ملڪ، صمد ڪلوڙ، سميع ڪولاچي، شوڪت چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، اڳواڻن چيو ته واپڊا کي خانگائڻ جون ڪوشش ڪيون پيون وڃن، هنن چيو ته نجڪاري کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، هنن مطالبو ڪيو ته واپڊا جي نجڪاري وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.