ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت پاران برسات متاثرن جي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ  پهرين مرحلي ۾ 26 سيپٽمبر کان گهوٽڪي، ڪشمور ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ يوسي سطح تي سروي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان گذريل ڏينهن چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت جي سربراهي ۾ اهم اجلاس ٿيو،  جنهن ۾ ڳالهائيندي چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ گڏيل سروي ڪرائي ويندي، جنهن ۾ ضلعي انتظاميا، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ آرمي جا نمائندا شامل هوندا، گڏيل سروي لاءِ يونين ڪائونسل سطح  تي ٽيمون ۽ ضلعي سطح تي ڊسٽرڪٽ سپروائيزري ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن، جيڪي متاثر علائقن ۾ گهر گهر وڃي جاني ۽ مالي نقصان جو گڏيل سروي ڪنديون. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ 26 سيپٽمبر کان سکر، گهوٽڪي ۽ ڪشمور ضلعن ۾ سروي شروع ٿيندي، ٻِين ضلعن مان پاڻي نيڪال ٿيڻ شرط سروي جو ڪم شروع ڪيو ويندو. هن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته سروي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي جيو ٽيگنگ پڻ ڪئي وڃي.. اجلاس کي  ٻڌايو ويو ته نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي پاران سروي لاءِ هڪ پروفارما موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ نقصانن جا سمورا تفصيل لکيا ويندا. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري، روينيو  جي سينيئر مميبر ، چيئرمين پلاننگ، جنرل ايڊمنسٽريشن جي سيڪريٽري ۽ مڪاني کاتي واري سيڪريٽري تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي وئي، ،جيڪا سروي دوران پيش ايندڙ مسئلن جو جائزو وٺندي ۽ سفارشون پيش ڪندي.