ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ نينگري بار بار زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد ڦاهو ڏئي قتل، ان ڏس ۾ ڪورنگي جي زمان ٽائون جي گهر مان 13 ورهين جي ڇوڪريءَ جو ڦاهو لڳل لاش مليو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن نينگري سان بار بار زيادتي جي تصديق ڪئي. ڊاڪٽرن موجب نينگري کي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا زيادتي جو نشانو بڻايو ويو. لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، جزا  ليبارٽري اماڻيا ويا آهن، پوليس موجب نينگري گھر ۾ اڪيلي هئي، سندس وڏي ڀيڻ ننڍي ڀاءَ کي وٺي ٻاهر وئي، واپسي  تي دروازو بند هو، نينگري جو والد به گھر آيو ته دروازو نه کليو، جنهن تي هو برابر واري گھر مان ٽپي پنهنجي گھر ۾ داخل ٿيو ته نينگري جو ڦاهو لڳل لاش مليو. پوليس موجب واقعي جي جاچ مختلف رخن کان ڪئي پئي وڃي