شھدادپور: زراعت کاتي شھيد بينظير آباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد علي خاصخيلي ٽائيم نيوز سان ويچار ونڊيندي چيو ته انبن جي ايڪسپورٽ جي حوالي سان پاڪستان دنيا جو ستون نمبر وڏو ملڪ آهي، هن ٻڌايو ته شھدادپور تعلقي ۾ انبن جي پوکائي 2 هزار ايڪڙن تي مشتمل آهي، تازين برساتن دوران باغن ۾ پاڻي بيهڻ سبب لڳ ڀڳ هڪ هزار ايڪڙ متاثر ٿيو ۽ زميندارن کي نقصان جو منهن ڏسڻو پيو، باغن ۾ هپر مينگو، سڊن ڊيٿ، پائوڊري، انٽِڪنوز، ٽپ ڊاءِ بيڪ، فروٽ فلاءَ بيماريون لڳڻ سبب انتهائي نقصان ٿيو، زرعي آفيسر موجب زمينن ۾ بيٺل برساتي پاڻي سم نالن ذريعي ڪڍرائي زمين آجي ڪرائي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.