شھدادپور: انبن جي باغائي قاضي ڪاشف ۽ ٻين روزاني پنهنجي اخبار کي ٻڌايو برساتن دوران انبن جي باغ ۾ فنگس جي بيماري ڪر کنيو آهي، جنهن بعد ورهين کان لڳل وڻ سُڪي ٺوٺ ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، هنن ٻڌايو ته پيداوار وڌائڻ، زمين جاندار بڻائڻ توڙي وڻن جي نشونما لاءِ استعمال ٿيندڙ زرعي دوائن ۽ ڀاڻن جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن جيڪي زميندارن جي خريد کان پري آهن، اهو ئي سبب آهي جو زميندار طبقو باغ کي سنڀالڻ لاءِ ويتر پريشان آهي.