بدين (رپورٽر) بدين ۾ اٽي جي اگھ ۾ رڪارڊ واڌ کانپو اٽو مارڪيٽ مان گم بليڪ تي وڪرو ٿيڻ لڳو آهي، جڏهن ته انتظاميا اگھور ننڊ ستل آهي، بدين کان پنج ڪلو ميٽر پري شاھين فلور مل طرفان اڄ 2000 ھزار اٽي جا 10 ڪلو وارا ٿيلهاوڪرو ڪرڻ لاءِ آندا ويا، سستو اٽو وٺڻ لاءِ مردن توڙي عورتن جون وڏيون قطارون لڳي ويون ڪجھ ئي گھڙي ۾ اٽو ختم ٿي ويو، ڪيترائي ماڻهو بنا اٽو وٺڻ جي مايوس ٿي واپس روانا ٿي ويا، بدين جي واپارين موجب اسان کي اٽو 156 روپيا ڪلو جي حساب سان چڪي مالڪ وڪرو ڪري رهيا آهن، جنھن ڪري مجبورن اسان اٽو 160 روپيا ڪلو وڪرو ڪريون ٿا ٻئي طرف بدين ۾ اٽو مھانگو ملڻ خلاف سول سوسائٽي جي ماڻهن پاران حڪومت خلاف احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو پڻ چتا ڏئي ڇڏيو آھي، جڏهن ته بدين جي شهرين  اسلم ملاح، صدام عنايت پٺاڻ، ادريس آريسر، ۽ ٻين  بدين ضلع انتظامیہ کان مطالبو ڪيو آهي ته بدين شهر اندر سستو اٽو جا اسٽال لڳايا وڃن ته جيئن غريب ماڻهو اساني سان اٽو خريد ڪري سگهن.