پشاور(م ڊ) پشاور ۾ اٽي جي قيمتن ۾ تازي واڌ کانپوءِ نان دڪاندارن ماني جي قيمت ۾ 10 رپيااضافو ڪري ڇڏيو آهي. پشاور ۾ نان دڪاندارن 170 گرام مانيءَ جي قيمت ۾ 10 رپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي ۽ 20 رپين جي ماني هاڻي 30 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. ان سلسلي ۾ نان دڪاندارن جو چوڻ آهي ته تازو اٽي جي اگهن ۾ واڌ سبب ماني جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ تي مجبور آهيون. ٻئي طرف ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته مانيءَ جو اگهه 20 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، نان دڪاندارن پنهنجي مرضيءَ تي مانيءَ جو اگهه وڌائي ڇڏيو آهي، مقرر اگهه کان وڌيڪ اگهه تي مانيءَ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.