حيدرآباد (بيورو رپورٽ)  اٽي جي اگهن ۾ اوچتو 150 رپين تائين واڌ جي ڪري سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ به اٽو اڻلڀ ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا پاران خوراڪ کاتي ۽ فلوملز انتظاميا جي مدد سان شهر جي 12 هنڌن تي اٽي جا اسٽال لڳائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. انهن اسٽالن ۾ ڦليلي چوڪ ٽانگا اسٽينڊ، مهر علي چوڪ لطيف آباد نمبر 12، ربيع الاول چوڪ، اسريٰ يونيورسٽي چوڪ، ٽنڊو ڄام شهر، شيدي ڳوٺ قاسم آباد، حسين آباد چوڪ، حيدر چوڪ، نسيم نگر چوڪ، شورا ڳوٺ راجپوتانه اسپتال، پٺاڻ ڪالوني سينٽرل جيل ۽ گرونگر چوڪ شامل آهن. انهن جاين تي اٽي جي هڪ هڪ مزدا پهتي ته هزارين شهري گڏ ٿي ويا جن ۾ عورتن جو به هڪ وڏو انگ شامل هو. حيدر چوڪ تي بيهاريل اٽي جي مزدا تان اٽو خريد ڪرڻ لاءِ هزارين ماڻهو پهتا ته خوراڪ کاتي جي انتظاميا پريشان ٿي وئي. ماڻهن کي اٽو وٺڻ لاءِ لائينون لڳرايون ويون. لائينن ۾ بدانتظامي جي ڪري اوچتو مزدا کي اتان هٽائي ريڊيو پاڪستان جي سامهون آندو ويو. حيدر چوڪ تي بيٺل ماڻهو مزدا جو پيڇو ڪري ريڊيو پاڪستان جي سامهون پهتا جتي ٻيهر ماڻهن کان اٽو وٺڻ لاءِ لائين لڳرائي وئي. ان دوران ٻيهر بدنظمي پيدا ٿي پئي جنهن جي ڪري اٽي جي مزدا کي اتان به هٽايو ويو جيڪا بعد ۾ گم ٿي وئي ۽ سستو اٽو وٺڻ لاءِ پهتل هزارين ماڻهو اٽو وٺڻ بنا واپس گهر روانا ٿي ويا. ماڻهن خوراڪ کاتي جي انتظاميا خلاف نعريبازي به ڪئي. ماڻهن جو چوڻ هو ته شهر ۾ اٽو اڻلڀ آهي. ضلعي انتظاميا خوراڪ کاتي ۽ فلور ملز جي انتظاميا معرفت ڪجهه اسٽال لڳايا آهن جتي مزدا ۾ اٽو ڀري آندو وڃي ٿو. ماڻهن جي گڏ ٿيڻ بعد مزدا کي اتان گم ڪيو وڃي ٿو جنهن جي ڪري هو اٽو حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهن ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته اٽي جا مستقل اسٽال لڳايا وڃن ته جيئن ماڻهو پريشاني کان بغير اٽو حاصل ڪري سگهن.