بدين (رپورٽر) بدين ۾ آر او پلاٽ ملازمن ۽ ڳوٺاڻن مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرا ڪيا. يوسي مٺي ٿري جي ڳوٺ والم ميگھواڙ جي رھواسي دولت رام احتجاج بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بااثر مير محمد نوتيار، گل محمد نوتيار، محمد نوتيار ۽ ٻين منھنجي ذرعي زمين تي قبضو ڪرڻ لاء منھنجي مٿان حملو ڪرائي مون کي زخمي ڪيو آهي، پوليس ڪارروائي نٿي ڪري. انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي شھر جي 20 کان مٿي آر او فلٽر پلانٽ جي سوين ملازمن عبدالغفار چانڊيو، الھڏنو راھمون، مولا ڏنو ڇلگري،روشن چانڊيو، زھير شاھ،محمد يوسف لنڊ جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت بدين اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت اسان مٿان ظلم ڪندي 25ھزار بدران صرف 12ھزار پگُھار ڏي ٿي اھا به 8مھينن کان ناھي ملي ، آفيسر ۽ ٺيڪيدار سرفراز شيخ ملي ڀڳت ڪري سڀ رقم ھڙپ ڪري رھيا آھن جڏھن ته اسان 157ملازم ھڪ ويلي ماني لاء پريشان آھيون مٿن رمضان شريف جو ڀلارو مھينو پيو اچي اسان جا ٻچا لنگھڻ ڪاٽڻ تي مجبور آھي. جلد پگھارجاري ڪيو وڃي.