حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي تعليمي بورڊن سان سلهاڙيل لکين شاگرد ۽ شاگردياڻين جا امتحان ريڊ مارڪه ڪمپني کان ڪرائڻ واري عمل خلاف سنڌ ايجوڪيشنل بورڊ ڪميٽي ۽ ايپڪا جي سڏ تي تعليمي بورڊ حيدرآباد جي ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن تعليمي بورڊ لاڙڪاڻي جي چيئرمين نسيم ميمڻ جي پتلي کي علامتي ڦاهي ڏيڻ بعد باهه ڏئي ساڙيو. بورڊ جي ڪميٽي ۽ ايپڪا اڳواڻن انوار احمد خان، اعجاز ڪاڪا، شاهد ميراڻي، عابد شيخ، غلام قادر ڀٽو ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي تعليمي بورڊ تي مڙهيل رٽائرڊ ڪاموري پنهنجي آقا بورڊ جي سيڪريٽري ۽ ڊاڪٽر عاصم کي خوش ڪرڻ لاءِ اهڙي قسم جو خط لکيو پر ريڊ مارڪه ڪمپني ان کان اڳ ڪڏهن به امتحان ناهي ورتو. رڳو ضياءُ الدين بورڊ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سرڪاري بورڊن وٽ موجود اختيار کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته هو راولپنڊي جي پرائيويٽ ڪمپني کي سنڌ جي 15 کان 20 لک ٻارن جي مستقبل سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏيندا. اڳواڻن الزام هنيو ته گذريل 10 سالن کان سنڌ جي تعليمي بورڊن ۾ رٽائرڊ ڪامورن کي چيئرمين ۽ ڪنٽرولر جا عهدا ڏنا ويا آهن جن بورڊن کي ڪرپشن جو ڳڙهه بڻائي ڇڏيو آهي ان لاءِ جيڪڏهن فرض شناس ۽ ايماندار عملدارن کي مقرر ڪيو وڃي ته بورڊن مان ڪرپشن جي خاتمي سميت امتحاني نظام بهتر بڻجي سگهندو. جيڪڏهن ڄاڻايل فيصلو واپس نه ورتو ويو ته هو سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊن ۾ احتجاج سان گڏ ڪم ڇڏ هڙتال جو سڏ ڏيندا.