ٽنڊوباگو (رپورٽ: انور عباسي) بدين ضلعي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڍنڍون ڍورا ۽ فش فارم سڪي ويا، ضلعي هيڊڪوارٽر توڙي ننڍن وڏن شهر ۾ تازي مڇيءَ جي سپلاءِ نالي ماتر رهجي وئي. رپورٽ موجب بدين ضلعي ۾ گذريل ٻن مهينن کان پاڻيءَ جي شديد اڻاٺ سبب ڍنڍن ڍورا ۽ ھٿرادو فش فارم سڪي ويا آهن، جنهن ڪري مڇي مرڻ لڳي آهي. پاڻي کوٽ سبب فش فارمن ۽ ڍنڍن جي مالڪن ۽ ماھيگيرن مڇي مارائي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرائي ڇڏي. ڪجهه مهينا اڳ بدين ۽ ٽنڊوباگو سميت ننڍن وڏن شهرن جي جي مڇي مارڪيٽ ۾ سوين مڻ مڇي وڪري لاءِ ايندي هئي، جڏهن ته رمضان جي مهيني ۾ مڇي وڪري جي سيزن باوجود چند مڻ مڇي وڪري لاءِ مس اچي ٿي. هڪ رپورٽ مطابق ٽنڊوباگو جي مڇي مارڪيٽ ۾ ڪرڙو في مڻ 14000 کان 15000 رپيا نيلام ٿي رھيو آھي. موراکو في مڻ 8000 رپيا، ٿيري في مڻ 9000 کان 10000 رپيا، گراس في مڻ مڻ 14000 کان 15000 ۽ سلور في مڻ 3000 کان 6000 ھزار رپين جي حساب سان وڪرو ٿي رھيو آھي. مڇي منڊي مان مختلف شھرن بدين، تلھار ماتلي، ٽنڊوباگو، پنگريو، ٽنڊو غلام علي، گولاڙچي، ٽنڊو محمد خان، مٺي، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، حيدرآباد سميت ننڍن وڏن شھرن جا واپاري مڇي خريد ڪري ڪرڙو ۽ گراس في ڪلو 500 کان 600 رپيا، موراکو في ڪلو 350 رپيا، ٿيري 350 کان 400 رپيا، سلور في ڪلو 300 رپين ۾ وڪرو ڪري رھيا آھن. ٽنڊوباگو مڇي منڊيءَ جي منشي گل محمد ملاح ۽ سلطان ڀان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گذريل سال تائين ٽنڊوباگو جي مڇي منڊي ۾ روزانو 1200 مڻ کان 1600 مڻ تائين مڇي وڪرو لاء ايندي ھئي، پر ھن سيزن ۾ روزانو 20 کان 50 مڻ مڇي وڪري لاء اچي ٿي، جنهن ڪري مڇي جي اگھه ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ھن سال 1000 کان 2000 رپيا في مڻ تي اضافو ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ مڇي جي ڍنڍن ۽ فش فارمن جي مالڪن عرفان مھدي خواجا، سڪندر علي شاھ، بدين بچايو ڪاميٽي جي اڳواڻن خدا ڏنو شاهه، مير نور احمد ٽالپر سيد قمبر علي شاه پنهنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته 2019ع جي کان مسلسل پاڻي جي کوٽ سبب لاڙ جي جي ڍنڍن، قدرتي ڍورن ۽ فش فارمن ۾ مڇي وڏي مقدار ۾ مري وئي ۽ ڪيترائي فش فارم، ڍنڍون ۽ قدرتي ڍورا سڪي ويا آهن، جنهن ڪري مڇي جي پيداوار گھٽجي وئي آهي. ضلع بدين جي جاڙي ڍنڍ، ڦوسڻا ڍنڍ، سانڊو ڍنڍ، پٽيجي، چروو، سونھري، ڏيئي، نيرو، دڙو، پٽيھل، آشيلي، رپ ۽ واريارو سميت مختلف ڍنڍن، ڍورن ۽ ھڪ ھزار کان وڌيڪ فش فارمن ۾ پاڻي کوٺ سبب مڇي تيزيءَ سان مري رھي آهي، جنهن ڪري ڍنڍن ۽ فش فارمن جي مالڪن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رھيو آھي.