ٽنڊوباگو: ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ پاڻي سڪڻ بعد مڇي ختم ٿيڻ جي ڪري سوين ماهيگير بيروزگار ٿي ويا. مڇي شڪار ڪري پيٽ پاليندڙ ماهيگيرن سڪندر، محمد رحيم، نظرو چنڊاڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته جڏهن قدرتي ڍنڍن ڍورن ۽ ھٿرادو فش فارمن ۾ مڇي ھوندي ھئي ته شڪار ڪري گذر سفر ڪندا ھئاسين. ھٿرادو فش فارمن جا مالڪ اسان کي في مڻ مڇي جي مارڻ جو ( اجورو ) 400 رپيا ڏيندا ھئا، جنهن مان اسان جي گھر جو چلھو ٻرندو ھو پر پاڻي نه ھجڻ ڪري گھڻي تعداد ۾ مڇي ختم ٿي وئي آهي، جنهن ڪري اسين بيروزگار ٿي ويا آھيون. ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته مڇي مارڻ ھنن جو موروثي ڌنڌو آهي، ان کانسواءِ ھي ٻيو ڪو به ڪم نه ٿا ڪريون. نور محمد ملاح ٻڌايو ته لاڙ جي کوٻن، کامن ۽ ھيٺاهين وارن ھنڌن ۾ گھڻو پاڻي بيھندو ھو جن ۾ واھن مان قدرتي مڇي جو ٻج اچي گڏ ٿيندو ھو، ھاڻي پاڻي نه ھجڻ ۽ واھن ۾ سنھا رڇ لڳڻ ڪري ننڍي مڇي جو ٻج رڇن ۾ ڦاسائي ماريو پيو وڃي، ان ڪِڇ جي ڪاروبار پڻ لاڙ ۾ مڇي جي وڏي کوٽ پيدا ڪئي آهي.