ٽنڊوباگو: ٽنڊوباگو سميت ضلع بدين جون ڪافي مشھور ڍنڍون، قدرتي ڍورا ۽ ھٿرادو فش فارم مسلسل پاڻي جي کوٽ ڪري سڪڻ سبب پن، ڏير، ليون، ٽوپ، ناڙو، قم، ڪوڻيون، بيھ، پاٻوڙا پڻ ختم ٿي ويا آهن ۽ گدڙن، جھنگلي ٻلن، لڌڙن ۽ مختلف پکين ۽ آبي جيوت جا مستقل ٿاڪ پڻ ختم ٿي ويا آهن ۽ ڍنڍن ڍورن ۽ فش فارمن ۾ پاڻي سڪي وڃڻ سبب گرمي پد پڻ وڌيو آهي، جنهن جي ڪري ماحول تي پڻ ناڪاري اثر پيا آهن ۽ چوپائي مال جو چارو پڻ ختم ٿي ويو آهي.