بدين (رپورٽر) ميونسپل ڪاميٽي بدين انتظاميا شهر کي گندگيءَ حوالي ڪري ڇڏيو، مک روڊن ۽ گهٽين ۾ گٽر اٿلي پيا، شهرين جو احتجاج، ايڊمنسٽريٽر نوٽيس ورتو. ميونسپل ڪاميٽي ۾ ڪم ڪندڙ 115 کان وڌيڪ صفائي عملو هجڻ باوجود شهر جي مک روڊن ۽ گهٽين تي ڪچري جا ڍير لڳي ويا. شهر جي ڪاروباري مرڪز غريب آباد جي ڪڍڻ روڊ، ڪينٽ روڊ ۽ ڀرپاسي روڊن رستن ۽ گهٽين تي گٽر اٿلڻ روز جو معمول بڻجي ويو. روڊن ۽ گهٽين ۾ گٽرن جو پاڻي بيهجي وڃڻ ڪري رهواسي عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهن. اهڙي صورتحال ۾ شهر اندر پيادل هلڻ به ناممڪن بڻجي ويو آهي. گٽرن جو پاڻي بيهڻ ڪري هر پاسي بدبو پکڙيل آهي. ان ڏس ۾ شهرين نياز سومري، ڪريم راهمي، عبدالرزاق سومري ۽ ٻين چيو ته ميونسپل ملازم بااثر ماڻهن جي بنگلن تي ڪم ڪن ٿا. ميونسپل انتظاميا جي نااهليءَ سبب ضلعي هيڊڪوارٽر ڪچرا گهر ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. ٻئي پاسي شهرين جي شڪايت تي ايڊمنسٽريٽرمحمد يونس رند معاملي جو نوٽيس وٺندي چيو ته شهرين جي شڪايت جائز آهي، صفائي انچارج خلاف جاچ ڪرايان ٿو ۽ جلد سمورن علائقن مان صفائي ڪرائي ويندي.