دادو (رپورٽر ) ميونسپل ڪاميٽي دادو جي ملازمن جي وردين وارو بل پاس نه ڪرڻ خلاف غلام عباس سهاڳ، شاھ محمد سولنگي ، معشوق سولنگي ، ارشاد هنڱورو جي اڳواڻي جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ ملازمن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ميونسپل ايڊمنسٽريٽر ، اسٽنٽ ڪمشنر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ميونسپل آفيس کان ڊي سي آفيس تائين مارچ ڪري ڊي سي آفيس جي گيٽ تي ڌرڻو هنيو آهي ميونسپل ڪاميٽي دادو ايمپلائيز يونين جي مٿئين اڳواڻن دانهيندي الزام هنيو آهي ته ايڊمنسٽريٽر ، اسٽنٽ ڪمشنر ملازمن جي وردين جو بل ڪرڻ لاء 5 لک رپيا رشوت گهري رهيو آهي ، هڪ گريڊ کان 5 گريڊ جا ملازم ايڊمنسٽريٽر کي ڪهڙي رشوت ڏيندا سو به وردين جي بل تي ، رشوت نه ڏيڻ تي ايڊمنسٽريٽر وردين جو بل ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي ، هنن دانهيو ته اسٽنٽ ڪمشنر جڏهن کان ميونسپل ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيو آهي هڪ ڏينهن به آفيس ۾ نه ناهي ويٺو هر ڪم ۽ بل تي ايجنٽ معرفت ڪميشن وٺي ٿو سڄو شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي پر ايڊمنسٽريٽر ميونسپل جا عملي طور انتظام نه ٿو سنڀالي ۽ ايڊمنسٽريٽر هر مهيني 35 کان 40 هزار رپيا تيل جي مند ۾ کڻي ٿو سندس خلاف اڻڌري جاچ ڪري ميونسپل ملازمن کي ورديون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ هو آفيس جي تالا بندي جو سلسلو شروع ڪندا.