گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ جانڻ واسو جي ڳوٺاڻن امان الله واسو، حبيب الله واسو، عبدالخالق واسو، فقير محمد واسو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ پنهنجي وڪيل ارشاد علي سومرو معرفت ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي گهوٽڪي جي عدالت عورت فهميده کي اغوا ڪرڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ چئڻ ڄڻن جي ضمانت منظور ڪري ورتي. ضمانت منظور ٿيڻ بعد حبيب الله واسو، امان الله واسو، عبدالخالق واسو عدالت آڏو احتجاج ڪندي چيو ته فهميده نالي عورت بليڪ ميل ڪري اسان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي ۽ پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد سياسي ماڻهن جي چوڻ تي اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي ۽ گهرن تي چاپا هڻي ڪيتروئي نقصان ڪيو آھي. احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اڳ ۾ به ساڳئي عورت فهميده اسان مٿان ڪيس داخل ڪرايو هو، جيڪو انڪوائري ۾ ڪوڙو ثابت ٿيو هو پر آندل سندراڻي پوليس فريادڻ عورت کان رشوت وٺي ٻيو ڪيس اسان مٿان داخل ڪيو آهي. واضح رهي ته فهميده آندل سندراڻي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته ڄاڻايل جوابدار گهر اندر داخل ٿي مونکي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي دانهون تي ڀرپاسي جا رهواسي پهچڻ تي جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏئي فرار ٿي ويا.